Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar

Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar

حشر ۾، پلصراط تي ان جو ڇا بڻبو...!!

اِلٰہی! رحم فرما! خادِمِ صِدِّیقِ اکبر ہوں

تری   رحمت   کے   صدقے،   واسطہ   صِدِّیقِ   اکبر   کا ([1])

هاءِ! باه....!! هاءِ باه....!!

روايت آهي: اَبُوخَصيب نالي هڪ شخص هيو، جيڪو ڪفن ورهائيندو هيو، جڏهن به ان کي خبر ملندي هئي ته فلاڻي هنڌ مَيّت آهي ۽ اهل خانه ڪفن خريدڻ جي استطاعت نٿا رکن ته اهو ڪفن جو انتظام ڪري ڇڏيندو هيو. هڪ ڏينهن ان وٽ هڪ شخص آيو چيائين: فلاڻي هنڌ ميّت ٿي وئي آهي، اَبُوخَصيب فوراً پنهنجي هڪ شخص کي ساڻ ورتو ۽ ميّت واري گهر پهتو.

اَبُوخصيب چون ٿا: مون ڏٺو: اُتي ماڻهو جمع آهن، وچ ۾ ميّت پئي آهي، جنهن جي پيٽ تي سِر رکيل آهي، ماڻهن مُردي جون تمام گهڻيون تعريفون ڪيون ۽ ان جي نيڪ عملن جي متعلق ٻڌايو، مون انهن کي چيو؛ توهان هن کي غسل ڇو نٿا ڏيو. چيائون: اسان وٽ ڪفن ناهي. فرمائن ٿا: مون فوراً پنهنجي ساٿي کي ڪفن وٺڻ لاءِ موڪليو،(هڪ شخص کي قبر جي تياري جي لاءِ لڳائي ڇڏيو، اهل خانه غسل جي لاءِ پاڻي گرم ڪرڻ لڳا) ۽ مان ميّت وٽ ويهي رهيس، اسان اڃا ويٺائي هئاسين ته اوچتو مڙدو چرپر ڪرڻ لڳو، ان جي پيٽ تي رکيل سِر به ڪِري پئي ۽ اهو اُٿي بيهي رهيو. هاڻي اهو بلند آواز سان چئي رهيو هو:


 

 



[1]...ذوقِ نعت،صفحہ:76۔