Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar

Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar

اي عاشقان رسول! ڪيتري عبرت جي ڳالهه آهي...!! اسان هن وقت ڇا ڪيون،؟ ان جي پنهنجي جاءِ تي اهميت آهي پر پنهنجي آخري عمر، پنهنجي آخري وقت ۾ اسان ڇا هونداسين * اڄ اسان نمازي آهيون تمام سٺي ڳالهه آهي پر گهڻو ضروري اهو آهي ته اسان دنيا کان رخصت ٿيندي وقت به نمازي هجون * اسان اڄ نيڪ آهيون، تمام سٺي ڳالهه آهي، پر گهڻو ضروري اهو آهي ته اسان مرندي وقت به مسلمان هجون.

الله نه ڪري جيڪڏهن مرندي وقت ايمان سلامت نه رهيو، آخري عمر ۾ جهنمين وارن ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو ته سخت آزمائش ٿيندي، هڪ ڊگهي حديث پاڪ ۾ الله پاڪ جي آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ”آدم جو اولاد مختلف طبقن ۾ پيدا ڪيو ويو، انهن مان ڪي مومن پيدا ٿيا، ايمان جي حالت ۾ زندهه رهيا ۽ مومن ئي مرندا. ڪي ڪافر پيدا ٿيا، ڪفر جي حالت ۾ رهيا ۽ ڪافر ئي ٿي مرندا. جڏهن ته ڪي اهڙا آهن جيڪي مومن پيدا ٿيا، مؤمنن واري زندگي گذاري پر ڪافر ٿي ڪري مرندا، ڪي ڪافر پيدا ٿيا، ڪافر زندهه رهيا ۽ مؤمن ٿي هن دنيا مان ويندا. ([1]

ایماں پہ رَبِّ  رحمت دیدے تُو استقامت         دیتا ہوں واسطہ میں تجھ کو ترے نبی کا([2])

خفيه تدبير کان  بي خوفي سخت نقصانڪار آهي

اي عاشقان رسول! ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته اسان هر وقت الله پاڪ جي خفيه تدبير کان هميشه ڊڄندا رهون. اهو خوف اسان کي اندر ئي اندر  ۾ سَتائيندو رهي ته افسوس! منهنجو ڇا ٿيندو؟ افسوس منهنجو خاتمو ڪيئن ٿيندو؟ اهو خوف ئي آهي جيڪو اسان کي سٺي خاتمي ڏانهن وٺي ويندو.


 

 



[1]...ترمذی، کتابُ الفِتَن، باب ما اخبر النبی ...الخ،صفحہ:528، حدیث:2191۔

[2]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:178۔