Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar
خليل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي وچ ۾ ويهاريو ويندو * حديث پاڪ جي مطابق جيڪو ساڻس بغض رکندو هجي، اهو ڀلي 70 نبين جي نيڪين جي برابر به نيڪيون آڻي تڏهن به جنت ۾ داخل نه ٿي سگهندو * جيڪو ساڻس بغض رکي ٿو ان تي لعنت وسندي آهي * قرآن پاڪ ۾ اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته حضرت صديق اڪبر رضي الله عنه جي نقش قدم تي هلو، انهن جي زندگي مان روشني وٺي پنهنجي زندگي کي سنواريون ۽ پنهنجي اخلاق ۽ ڪردار کي سنواريون. ان ڪري ضروري آهي ته اسان حضرت صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي پاڪ سيرت کي پڙهون، ان کي سمجهون ۽ ان مان روشني وٺي پنهنجي دنيا ۽ آخرت کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪريون.
شيخ طريقت امير اهل سنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جو (64صفحن جو) نهايت پيارو رسالو ”عاشق اڪبر“ ۽ مڪتبة المدينه جو هڪ تمام پيارو ڪتاب آهي: ”فيضان صديق اڪبر“. هي پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي مقدس زندگي جو خوبصورت گلدستو آهي، هي ڪتاب مڪتبة المدينه تان هديو ڏئي طلب ڪيو! يا دعوت اسلامي جي ويب سائيٽ www.dawateislami.net تان ڊائون لوڊ ڪريو! پاڻ به پڙهو! ۽ ٻين کي به اهو ڪتاب پڙهڻ جي ترغيب ڏياريو!
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار مدني مذاڪرو
پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي سڄي دنيا ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي، نيڪ نمازي بڻجڻ، ظاهري ۽ باطني گناهن کان پاڻ کي بچائڻ، فڪر آخرت ماڻڻ ۽ الله ۽ رسول جي محبت سان دل آباد ڪرڻ جي لاءِ اوهان به دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ به خوب وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني