Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar
هاءِ! باھ.......!! هاءِ! باھ.......!! مون چيو: لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ پڙهو! مردي چيو: افسوس مون کي ان جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو...!! الله پاڪ ڪوفي جي رهڻ واري اُن پوڙهي تي لعنت فرمائي، اُن مونکي ڀٽڪائي ڇڏيو، ان جي چوڻ تي مان ابوبڪر و عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُما کي گاريون ڏيندو هيس.
هڪ روايت ۾ آهي: ان مڙدي چيو: مون کي باھ جي طرف هڪليو پيو وڃي، مون کي منهنجو ٺڪاڻو ڏيکاريو ويو، پوءِ چيو ويو: واپس وڃو! ماڻهن کي پنهنجو ٺڪاڻو(يعني ابوبڪر و عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُما کي بُرو ڀلو چوڻ جو انجام ٻڌايو) پوءِ توکي واپس انهيءَ باھ ۾ اچڻو آهي. ايئن چئي ڪري اهو بي جان ٿي ڪِري پيو ۽ ٻيهر مري ويو.[1]
اَلْاَمَانُ وَالْحَفِیظ...!! اي عاشقانِ رسول! هي ڪو قصّو ڪهاڻي ناهي، امام ابن ابي الدنيا رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا محدث ٿي گذريا آهن، پاڻ باقاعده سَنَد سان اهو واقعو لکيو آهي. هن ۾ غور فرمايو! ڪيتري عبرت جي ڳالھ آهي! بيشڪ منهنجي آقا جو فرمان سچو آهي ته صِدّيق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ سان بغض رکڻ وارو 70 نبين جي نيڪين جي برابر به نيڪيون آڻي، تڏهن به جنّت ۾ داخل نه ٿيندو.
الله پاڪ اسان سڀني کي صحابه ۽ اهل بيت جي بغض کان محفوظ فرمائي. اسان اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ صحابه و اهل بيت آهيون، تمام صحابه ۽ اهلِ بيت اسان جي دل جو قرار آهن، الله پاڪ هن ايماني محبت کي هميشگي عطا فرمائي، ڪاش! انهيء محبت سان جيئڻ، انهيءَ ۾ مرڻ،