Book Name:Fazail e Ausaf e Siddiq e Akbar
جي 3 آيتن کي هميشه پيش نظر رکيو: پهرين آيت:
وَ اِنۡ یَّمۡسَسۡکَ اللّٰہُ بِضُرٍّ فَلَا کَاشِفَ لَہٗۤ اِلَّا ہُوَ ۚ وَ اِنۡ یُّرِدۡکَ بِخَیۡرٍ فَلَا رَآدَّ لِفَضۡلِہٖ ؕ
(پارہ:11،یُوْنُس:107)
ترجمو ڪنزالعرفان؛ ۽ جيڪڏهن الله اوهان کي ڪا تڪليف پهچائي ته ان کان سواءِ ڪو تڪليف دور ڪرڻ وارو ناهي ۽ جيڪڏهن اهو پنهنجي ڀلائي جو ارادو فرمائي ته ان جي فضل کي ڪو رد ڪرڻ وارو ناهي.
حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هن آيت مان مون کي خبر پئي ته جيڪڏهن الله پاڪ منهنجو چڱو ڪرڻ چاهي ته ان کان سواءِ هن ڀلائي کي ڪير روڪي نه سگهندو، پر جيڪڏهن ان جي حڪم ۾ منهنجي لاءِ تڪليف لکيل آهي ته ان کي به ان کانسواءِ ڪو ٽاري نه سگهندو. ٻي آيت: الله پاڪ فرمائي ٿو:
فَاذۡکُرُوۡنِیۡۤ اَذۡکُرۡکُمۡ
(پارہ:2،اَلْبَقَرَہ:152)
ترجمو ڪنزالعرفان: تون مون کي ياد ڪر، مان توکي ياد ڪندس.
حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: جڏهن مون هي آيت پڙهي ته مون الله پاڪ کانسواءِ هر شيءِ جي ياد کي ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ انهي جو ذڪر ڪرڻ لڳس. ٽئين آيت:
وَ مَا مِنۡ دَآبَّۃٍ فِی الۡاَرۡضِ اِلَّا عَلَی اللّٰہِ رِزۡقُہَا
(سيپارو: 12، سورة هود: آيت:6)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ زمين تي هلندڙ ڪو ساھ وارو اهڙو ناهي جنهن جو رزق الله جي ذمي ڪرم تي نه هجي.
حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: جڏهن کان مون هي آيت پڙهي آهي،