Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

ملائڪن جي پيدائش جو مقصد

   حضرت عبدُ الله بن عَمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائي ٿو: يعني الله پاڪ ملائڪن کي پنهنجي عبادت جي لاءِ پيدا ڪيو آهي.

)التاریخ الکبیر،جلد:2،صفحہ:10،رقم:1517۔(

   معلوم ٿيو: جيئن اسان انسانن ۽ جنن جي پيدائش ان ڪري آهي ته جيئن اسان الله پاڪ جي عبادت ڪيون، ايئن ئي ملائڪ  به الله پاڪ جي عبادت جي لاءِ بڻايا ويا آهن، باقي! ڪجھ ملائڪن جي ذمي مختلف ڪمَ (Task) لڳايا ويندا آهن، مثال طور * ڪنهن ملائڪ جي ذمي مينهن وسائڻ جو ڪم آهي * ڪنهن جي ذمي هوا هلائڻ * ڪنهن جي ذمي ٻانهن تائين رزق پهچائڻ * ڪنهن جي ذمي ذِڪر جي حلقن ۾ حاضر ٿيڻ * ايئن ئي کوڙ ڪمَ آهن جيڪي ملائڪ انجام ڏيندا آهن.

ملائڪن جي پيدائش جا مختلف انداز

پيارا اسلامي ڀائرو! * ملائڪن جي پيدائش جو طريقو اسان انسان جهڙو ناهي * يعني انسان پهريان رتُ جو ڌِڳُ (Blood Clot) هوندو آهي * پوءِ گوشت بڻجندو آهي * پوءِ عضوا مڪمل ٿيندا آهن * پوءِ ان ۾ روح وڌو ويندو آهي، پوءِ پورو انسان ٺهي ڪري دنيا ۾ ايندو آهي * آهسته آهسته وڏو ٿيندو آهي * ملائڪن جو معاملو ايئن ناهي * ملائڪن کي الله پاڪ ڪلمهءِ ڪُن سان پيدا ڪندو آهي، يعني الله پاڪ فرمائيندو آهي: ٿي وڃ! ته ملائڪ پيدا ٿي ڪري پنهنجي ڪم ۾ مصروف (Engross) ٿي ويندو آهي * ملائڪن جي پيدائش هاڻي به جاري آهي ۽ انهن جي پيدائش جا مختلف انداز آهن مثال طور * چوٿين آسمان تي هڪ ملائڪ آهي، جنهن جو نالو روح آهي، هي ملائڪ