Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

ذڪر آهي. ۽ اسان جي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به ان جي خبر ڏني، هڪ حديث شريف ۾ آهي: بيشڪ آسمانن ۾ 4 آڱرين جي برابر به جڳھ ناهي پر اتي ڪو نه ڪو ملائڪ پيشاني رکي، الله پاڪ جي حُضور سجدو ڪري رهيو آهي.

)ترمذی،کتاب:الزہد،باب:فی قول النبی لو تعلمون…الخ،صفحہ:555،حدیث:2312۔ (

ملائڪن جا موذن ۽ امام

   پيارا اسلامي ڀائرو! ملائڪ نماز ته پڙهندا آهن، انهن جي نماز پڙهڻ جو انداز به نهايت خوبصورت (Beautiful) آهي. روايتن جي مطابق * حضرت اسرافيل عَلَيهِ السَّلَام ملائڪن جا موذن آهن، سندن 12 ڀيرا ڏينهن ۾ ۽ 12 ڀيرا رات جو اذان ڏيندا آهن * ) حُسْنُ التَّنَبُّہ لِمَا وَرَدَ فیِ التَّشَبُّہ،و منہا: الامامۃ ،جلد:1،صفحہ:247۔ ( * حضرت ميڪائيل عَلَيهِ السَّلَام ۽ ڪجھ روايتن جي مطابق حضرت جبرائيل عَلَيهِ السَّلَام ملائڪن جا امام آهن. )حُسْنُ التَّنَبُّہ لِمَا وَرَدَ فیِ التَّشَبُّہ ،و منہا: الامامۃ ،جلد:1،صفحہ:247۔ ( * جتي اسان جو ڪعبو شريف آهي، ان جي بلڪل سِڌ ۾ آسمان تي ملائڪن جو قبلو آهي، جنهن کي بَيۡتُ المَعۡمُور چوندا آهن، اتي ملائڪن جي جماعت ٿيندي آهي ۽ هڪ ڏينهن ۾ 70 هزار ملائڪ اتي نماز پڙهندا آهن، جيڪي هڪ ڀيرو پڙهي وٺندا آهن، ٻيهر ڪنهن به انهن جي واري ناهي ايندي * ) حُسْنُ التَّنَبُّہ لِمَا وَرَدَ فیِ التَّشَبُّہ ،و منہا: الامامۃ ،جلد:1،صفحہ:248۔ ( * هي ملائڪ صفون ٺاهيندا آهن، پهريان اڳين صف مڪمل ڪندا آهن، پوءِ پويان صف شروع ڪندا آهن، سڀ پاڻ ۾ ايئن ملي ڪري بيهندا آهن جو وچ ۾ جڳھ خالي ناهي رهندي * ) حُسْنُ التَّنَبُّہ لِمَا وَرَدَ فیِ التَّشَبُّہ ،و منہا: اتمام الصف الاول  في الصلاة …الخ،جلد:1،صفحہ:258۔ ( * هي 70 هزار ملائڪ  جيڪي بَيۡتُ المَعۡمور ۾ نماز پڙهي وٺندا آهن، جڏهن شام ٿيندي آهي ته هي زمين تي اچي ويندا آهن، ڪعبي شريف جو طواف ڪندا آهن ۽ پوءِ... (سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه!) بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيندا آهن، اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي