Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

* مسند امام احمد جي روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: بيشڪ ٻانهو (نماز کان فارغ ٿي ڪري) جيستائين مصلي تي ويٺو رهندو آهي، ملائڪ ان تي درود موڪليندا رهندا آهن ۽ ملائڪن جو درود هي آهي ته اهي چوندا آهن: اَللّٰهُمَّ اغْفِرْ لَهٗ، اَللّٰهُمَّ ارْحَمْهٗ اي الله پاڪ! هن ٻانهي جي مغفرت فرماءِ هن تي رحم فرماءِ )مسندِ امام احمد،جلد:1 ،صفحہ:399 ،حدیث:1232۔ ( * پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو مون تي درود پڙهندو آهي، ملائڪ ان جي لاءِ بخشش جي دعا ڪندا آهن، هاڻي ٻانهي جي مرضي آهي درود ٿورو پڙهي يا گهڻو.

)ابنِ ماجہ ، کتاب:اقامۃ  الصلاة والسنۃ  فيہا،صفحہ:152 ،  حدیث:907۔(

  اي عاشقانِ رسول! اندازو لڳايو! ملائڪ معصوم آهن، ڪڏهن گناھ ناهن ڪندا، ملائڪ  الله پاڪ جا اطاعت گذار آهن، هي الله پاڪ جو قرب رکندا آهن، ڪيڏو خوش نصيب (Lucky) آهي اهو ٻانهو جنهن جي لاءِ ملائڪ  مغفرت جون دعائون ڪري رهيا هوندا آهن، ملائڪ ان جي لاءِ الله پاڪ کان رحمت جو سوال ڪري رهيا هوندا آهن. ڪاش! اسان ملائڪن جون دعائون وٺڻ وارا بڻجي وڃون.   اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن صَلَّى  اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

عمل کا ہو جذبہ عطا یَاالٰہی!                                   گُناہوں سے مجھ کو بچا یَاالٰہی!

میں پانچوں نَمازیں پڑھوں باجماعت                    ہو توفیق ایسی عطا یَاالٰہی!

میں پڑھتا رہوں سنتیں، وقْت ہی پر                      ہوں سارے نوافِل ادا یَاالٰہی!

)وسائلِ بخشش،صفحہ:102۔(

(2): ملائڪن جون مختلف عبادتون

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو! بَيۡتُ المَعۡمُور ۾ روزانو 70 هزار ملائڪ نماز