Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

حل نه پئي ڪري سگهيا، الله پاڪ فرمايو: اي پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان سچ چيو، هاڻي الله پاڪ ملائڪن کي فرمايو: یَا مَلَائِکَتِی! وَجَدْتُّمْ حَلَّالَ الْمُشْکِلَات اي منهنجا ملائڪؤ! توهان مشڪلات کي حل ڪرڻ واري کي حاصل ڪري ورتو آهي، فَاسْئَلُوْااَشْکَالَکُمْ يعني اهي مسئلا جن کي توهان حل (Solve) نه پئي ڪري سگهيا، اڄ منهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان اهي مسائل پڇي وٺو...!!

ملائڪن جا 4 مسائل

   پيارا اسلامي ڀائرو! ملائڪن جا اهي 4 مسائل ڪهڙا هئا جن ۾ هو هزار سالن کان غور ۽ فڪر ڪري رهيا هئا؟ حديثِ پاڪ ۾ آهي: جڏهن الله پاڪ ملائڪن کي فرمايو ته اي ملائڪؤ! اڄ اسان جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان پنهنجا مسئلا پڇي وٺو ته سڀ کان پهريان حضرت اسرافيل عَلَيهِ السَّلَام عرض ڪيو: مَا الْکَفَّاراتُ يعني (يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!) ڪَفّارات (گناھن کي مٽائڻ واريون شيون) ڪهڙيون آهن؟ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: (1): مشڪل وقت (يعني جڏهن وضو ڪرڻ ڏکيو لڳي رهيو هجي، مثال طور سخت سردي هجي، ان وقت) ڪامل وضو ڪرڻ (2): نمازِ باجماعت جي لاءِ پيادل هلي ڪري وڃڻ (3): ۽ هڪ نماز کان بعد ٻيءَ نماز جو انتظار ڪرڻ.

   هاڻي حضرت ميڪائيل عَلَيهِ السَّلَام ٻيو مسئلو عرض ڪيو: وَمَا الدَّرَجَاتُ (يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!) درجا (بلند ڪرڻ وارا عمل) ڪهڙا آهن؟ رسولِ پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: (1): اِطْعَامُ الطَّعَامِ کاڌو کارائڻ (2): وَ اِفْشَاءُ السَّلَامِ سلام عام ڪرڻ (3): وَالصَّلَاۃُ بِاللَّیْلِ وَالنَّاسُ نِیَام رات جو جڏهن ماڻهو سمهي رهيا هجن، ان وقت نماز پڙهڻ. (هي ٽئي ڪم ڪرڻ واري جا درجا بلند ٿيندا آهن).

   ملائڪن جا 2 مسئلا حل ٿي ويا، هاڻي حضرت جبريل امين عَلَيهِ السَّلَام ٽيون