Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

هزار سال تائين ملائڪ  علمي مسئلن ۾ غور ۽ فڪر ۽ پاڻ ۾ بحث مباحثو ڪندا رهيا.

    افسوس! اسان کي سُٺي کان سُٺو موبائل خريد ڪرڻ جو شوق آهي * فيس بڪ (Facebook) جو شوق آهي * يوٽيوب (You Tube) تي وقت برباد ڪرڻ جو شوق آهي * سَستي شهرت جو شوق آهي * اجايو گهمڻ ڦرڻ جو شوق آهي * ۽ خبر ناهي اسان ڪهڙا ڪهڙا شوق پالي رکيا آهن، ڪاش! اسان کي علمِ دين (Religious Knowledge) جو شوق نصيب ٿي وڃي.

ملائڪ جي نصيحت

   علمِ دين جو شوق رکڻ وارن عظيم صحابهءِ ڪرام مان هڪ عظيم صحابيءِ رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: هر شخص جي دروازي تي 2 ملائڪ مقرر هوندا آهن، جڏهن اهو گهران نڪرندو آهي ته ملائڪ  چوندا آهن: عالِم ٿيءُ يا طالبِ علم بڻجي وڃ...!! ٽيون نه بڻجانءِ.

) کنز العمال،کتاب :العلم،جز:10 ،جلد:5 ،صفحہ:73 ،حدیث:28868۔(

   الله پاڪ اسان کي فرشتن جي ان نصيحت (Advice) کي قبول ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن صَلَّى  اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

زندگی ہو مِری پروانے کی صورت يا ربّ!             علم  کی  شمع  سے  ہو  مجھ  کو  محبت  يا ربّ!

)کلیات اقبال، بانگ درا، حصَّہ اوَّل، صفحہ:65 ۔(

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد