Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

مسئلو پيش ڪيو: (يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!) نجات ڏيارڻ واريون شيون ڪهڙيون آهن؟ محبوبِ ربّ، سلطانِ عرب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: (1): خَشْیَۃُ اللہِ فِی السِّرِّ وَ الْعَلَانِیَۃِ اڪيلائي ۾ سڀني جي سامهون (هر حال ۾) الله پاڪ کان ڊڄندو رهڻ (2): وَالْقَصْدُ فِی الْفَقْرِ وَ الْغِنٰی تنگي ۽ آساني، غربت ۽ مالداري (يعني هر حال ۾) مِيانه روي اختيار ڪرڻ (3): وَالْعَدْلُ فِی الْغَضَبِ وَالرِّضیٰ  يعني ڪاوڙ جي حالت هجي يا خوشي جي ڪيفيت هجي (هر حال ۾) انصاف قائم رکڻ.

  هي ٽي مسئلا حل ٿي ويا، هاڻي حضرت عزرائيل عَلَيهِ السَّلَام عرض ڪيو: وَ مَا الْمُہْلِکَاتُ (يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!) هلاڪت ۾ وجهڻ واريون شيون ڪهڙيون آهن؟ فرمايائون: (1): شُحٌّ مُطَاعٌ ڪنجوسي جنهن جي پيروي ڪئي وڃي (2): وَ ہَوًي مُتَّبَعٌ خواهش جنهن جي اتباع ڪئي وڃي (3): وَ اِعْجَابُ الْمَرءِ بِنَفْسِہٖ ۽ ٻانهي جو پاڻ کي چڱو سمجهڻ (يعني خود پسنديءَ جو شڪار ٿي وڃڻ).

)ترمذی، کتاب تفسیر القرآن، صفحہ:747، حدیث:3234بتغیر قلیل۔قصیدۃ البردۃ مع شرحہا عَصِیْدَۃُ الشُّہْدَہ، صفحہ:236-237 ملتقطاً۔(

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! ڇا ته شان آهي اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو...!! ملائڪ 1000 سالن کان جن مسئلن ۾ بحث ۽ تڪرار ڪري رهيا هئا، کين انهن مسائلن جو حل نه ملي رهيو هو، رسولِ خدا، احمدِ مجتبٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن منٽن ۾ اهي مسئلا حل فرمائي ڇڏيا.

مشکل جو سر پہ آ پڑی، تیرے ہی نام سے ٹلی    مشکل کشا ہے تیرا نام، تم پر درود اور سلام

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

ڪاش! علمِ دين جو شوق ملي وڃي

پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ملائڪ علمِ دين جو ڪيڏو شوق رکن ٿا.  1