Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي فضيلت

   سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پيارا اسلامي ڀائرو! ملائڪ نيڪي جي دعوت به ڏيندا آهن. ڪاش! اسان به نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائيندا ڪيون. هڪ ڀيري حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: اي الله پاڪ! جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي نيڪي جو حڪم ڏي ۽ بُرائي کان منع ڪري ان جي جزاء ڇا آهي؟ الله پاڪ ارشاد فرمايو: مان ان جي هر هر ڪلمي جي بدلي هڪ سال جي عبادت جو ثواب لکندو آهيان ۽ ان کي جهنّم جي سزا ڏيڻ ۾ مون کي حياء ايندي آهي.

)مکاشفۃ القلوب، صفحہ:48۔(

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

ملائڪن جون ڪجھ وڌيڪ صفتون

   پيارا اسلامي ڀائرو! ملائڪن جون ٻيون به کوڙ صفتون آهن جهڙوڪ * ملائڪ الله پاڪ جو ذڪر ڪثرت سان ڪندا آهن * ملائڪ ذڪر جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندا آهن )حُسْنُ التَّنَبُّہ لِمَا وَرَدَ فیِ التَّشَبُّہ ،و منہا: محبۃ مجالس الذکر…الخ،جلد:1،صفحہ:228۔ ( * ملائڪ نمازين، روزيدارن، رات جو تلاوت ڪرڻ وارن ۽ باوضو سمهڻ وارن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪندا آهن * ملائڪ نيڪ ماڻهن جي جنازي ۾ شريڪ ٿيندا آهن

)حُسْنُ التَّنَبُّہ لِمَا وَرَدَ فیِ التَّشَبُّہ ،و منہا:حضور عبد المؤمن ،جلد:1،صفحہ:467۔ (

ملائڪ ذڪرِ مصطفٰي ڪندا آهن

   ملائڪ ڪثرت سان ذڪرِ مصطفٰي ڪندا آهن ايستائين جو هڪ روايت ۾ آهي: اِنَّ الْمَلَائِکَۃَ تَذْکُرُہُ فِی کُلِّ سَاعَاتِہَا بيشڪ ملائڪ هر گهڙي مصطفٰي جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ