Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

گناھن کان بچڻ جو سامان به ٿيندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته قيامت جي ڏينهن به ٻيڙو پار ٿيندو.

ہم کو اے عطّار سُنّی عالموں سے پیار ہے                            اِنْ شَآءَ اللہ! دوجہاں میں اپنا بیڑا پار ہے

ملائڪ پاڻ ۾ ڀائر آهن

 پيارا اسلامي ڀائرو! * ملائڪ هميشه سچ ڳالهائيندا آهن، ڪڏهن به ڪوڙ ناهن ڳالهائيندا * ملائڪ پاڻ ۾ وڙهندا ناهن، حسد (Jealousy)، ساڙ، بغض (Hatred) ناهن رکندا بلڪه تمام ملائڪ پاڻ ۾ ڀائرَ  بڻجي ڪري رهندا آهن، جي ها! الله پاڪ جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي وچ ۾ ڀائيچارو (Brotherhood)  قائم ڪندي فرمايو: وَمُؤَاخٍ بَيْنَكُمْ كَمَا آخَىْ اللهُ بَيْنَ الْمَلائِكَةِ مان توهان جي وچ ۾ اهڙو ڀائيچارو قائم ڪندو آهيان، جيئن الله پاڪ ملائڪن کي ڀائرَ بڻايو آهي.

)معجمِ کبیر،جلد:3 ،صفحہ:330 ،حدیث:5001۔(

   هاڻي اسان وٽ ته سَڳا ڀائرَ به پاڻ ۾ ڀائرَ بڻجي ناهن رهندا، جهيڙا، جهڳڙا، بغض، ڪينو، حسد، ساڙ، پيسن تي ويڙھ (Money Rift)، اَنا جي ويڙھ، جائيداد جي ويڙھ (Property Fights)، ننڍن ننڍن ڳالهين تي هڪٻئي سان وڙهندا رهندا آهيون، الله پاڪ اسان کي جهيڙي جهڳڙي کان محفوظ فرمائي. اسان مسلمان آهيون ۽ مسلمان پاڻ ۾ ڀائرَ آهن، الله پاڪ فرمائي ٿو:

اِنَّمَا الۡمُؤۡمِنُوۡنَ  اِخۡوَۃٌ  (سيپارو: 26، سورة حجرات: آيت: 10)

ترجمو ڪنزالعرفان: مسلمانَ ته صرف ڀائرَ آهن.

   ان ڪري اسان کي گهرجي ته اسان ملائڪن وارو وصف اپنايو، جهيڙن