Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

دنياوي لذّتن ۾ مصروف رهڻ منهنجي عادت هئي، بُرن دوستن جي صحبت (Company) مون کي اڃان بگاڙي ڇڏيو هو، دوستن سان ملي ڪري سڄي رات گناهن جو سلسلو جاري رهندو هو، هڪ ڀيري هڪ اسلامي ڀاء مون کي مغرب جي وقت نماز جي دعوت ڏني، خبر ناهي ان جي دعوت ۾ ڪهڙو اثر هو جو مان به ان سان مسجد ڏانهن آيس، مغرب جي نماز پڙهي، نماز کان پوءِ هڪ اسلامي ڀاء فيضان سنّت مان درس ڏنو، درس کان فوراً بعد اسلامي ڀائرن هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ وڃڻ جون تياريون شروع ڪري ڏنيون. هڪ اسلامي ڀاء مون کي به اجتماع ۾ شرڪت جي ترغيب ڏياري، انهن جو انداز اهڙو ته پيارو هو جو مان فوراً هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي لاءِ تيار ٿي ويس، پوءِ جلد ئي اسلامي ڀائرن سان ملي ڪري عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه جي فضائن ۾ پهچي ويس، اتي سنّتن ڀريو بيان ٻڌو، ذِڪرُ الله ۾ مصروف رهيس، پوءِ رقَّت انگيز دعا ٿي. الحمدلله! دعوت اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۽ عاشقان رسول جي صحبت جو مون تي اهڙو اثر (Effect) ٿيو جو مون دعا جي دوران روئي روئي ڪري پنهنجي گناهن کان توبھ ڪئي ۽ آينده زندگي نيڪين ۾ گذارڻ جي پڪي نيّت ڪئي، مون تي هڪ عجيب ننڊ جو خمار هو اجتماع  کان واپسي کان بعد مون نمازن جي پابندي شروع  ڪري ڇڏي ۽ نيڪين ڀري زندگي گذارڻ ۾ مصروف ٿي ويس.

اسی ماحول نے ادنیٰ کواعلیٰ کر دیا دیکھو!                 اندھیرا ہی اندھیرا تھا اُجالا کر دیا دیکھو!

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

 دارُالافتاء  اهلِ سنّت ايپلي ڪيشن

   پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُلـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي علمِ دين جو فيضان عام ڪرڻ