Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * نهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

ملائڪ  ۽ علمِ دين جو شوق

   علّامه عمر بن احمد آفندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه قصيده بُرده شريف جي شرح ۾ لکن ٿا: ڪجھ ملائڪ 1000 سالن کان چند علمي مسئلن تي بحث ڪري رهيا هئا پر انهن جا هي مسئلا حل نه ٿي رهيا هئا، پوءِ جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  دنيا ۾  تشريف کڻي آيا ته ملائڪن ڄاڻي ورتو ته هي اهي ئي هستي آهن جيڪي اسان جا علمي مسئلا حل فرمائيندا، بهرحال ملائڪن نهايت عاجزي سان (Modestly) دعا ڪئي، الله پاڪ انهن جي دعا قبول فرمائي ۽ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي معراج جي لاءِ گهرايو.

   هاڻي ان کان اڳيان ڇا ٿيو: ان بابت پاڻ اسان جي پياري آقا محمد مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ فرمان ٻڌو! پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مون پنهنجي ربَّ کي تمام سهڻي صورت ۾ ڏٺو، الله پاڪ فرمايو: اي محبوب (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ)! ملائڪ ڪهڙن مسئلن ۾ بحث (Discussion) ڪري رهيا آهن؟ مون عرض ڪيو: اي الله پاڪ! چئن مسئلن ۾، ملائڪ انهن کي


 

 



[1]... مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔