Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

سنّت آهي. الحمد لله! دعوتِ اسلامي وارا عاشقانِ رسول اڄوڪي دور ۾ هن سنّت کي به زندھ ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن. توهان به ڪوشش ڪندا ڪيو! نمازِ فجر جي لاءِ مسلمان ڀائرن کي جاڳائيندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون کوڙ برڪتون (Blessings) ملنديون.

لگا فجر میں بھائی گھر گھر پہ جا کر                                ذرا دل لگا کر صدائے مدینہ

نوٽ: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ صداءِ مدينه کي هاڻي فجر جي لاءِ جاڳائڻ چيو ويندو آهي.

(5): ملائڪ  نيڪي جي دعوت ڏيندا آهن

   پيارا اسلامي ڀائرو! ملائڪ نيڪي جي دعوت به ڏيندا آهن. جيئن ته حضرت ابو درداء رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، رسولِ اڪرم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جڏهن سج اڀرندو آهي ته 2 ملائڪ  چوندا آهن: اي انسانو! پنهنجي ربَّ (جي رضا وارن ڪمن) جي طرف وَڌو...!! بيشڪ ٿورو ۽ ڪفايت جيترو مال ان مال کان بهتر (Better)  آهي جيڪو هلاڪت (Devastation) ۾ وجهي ڇڏي.

)مسندِ ابن ابی شیبہ،جلد:1 ،صفحہ:48 ،حدیث:36 ملتقطًا۔(

   حضرت عَمرو بن حزم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي توبھ جو واقعو بيان ڪندي فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان ڪوفي جي جهنگلَ مان گذري رهيو هيس، منهنجي دل ۾ گناھ جو خيال آيو، جڏهن مان ان گناھ جي طرف وڌڻ لڳُس ته  هاتِفِ غيبي (يعني غيب مان ڪنهن ملائڪ) جو آواز آيو:

)حُسْنُ التَّنَبُّہ لِمَا وَرَدَ فیِ التَّشَبُّہ ،و منہا:الوعظ والنصیحت ،جلد:1،صفحہ: 380۔(

کُلُّ نَفۡسٍۭ بِمَا کَسَبَتۡ رَھِیۡنَۃٌ (ۙ۳۸)  (سيپارو: 29، سورة مدثر: آيت: 38)

ترجمو ڪنزالعرفان: هر ساھ پنهنجي ڪيل عملن ۾ گروي رکيل آهي.