Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

جيڪو چاهي هي نماز پڙهي، جيڪو نه چاهي نه پڙهي (يعني چاشت جي نماز فرض ناهي، نفل آهي).

)حُسْنُ التَّنَبُّہ لِمَا وَرَدَ فیِ التَّشَبُّہ ، جلد:1 ،صفحہ:264۔ (

   الله پاڪ اسان کي به ملائڪن واري نماز يعني چاشت جا نوافل پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اشراق ۽ چاشت جي فضيلت تي 3 حديثون

اشراق ۽ چاشت جا نوافل پڙهڻ جا کوڙ فضائل آهن: (1): پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نمازِ اشراق جي فضيلت بيان ڪندي فرمائن ٿا: جيڪو نمازِ فجر باجماعت ادا ڪري ذِڪرُ الله ڪندو رهي ايستائين جو سج اُڀري وڃي پوءِ 2 رڪعتون پڙهي ته ان کي حج ۽ عمري جو ثواب ملندو )ترمذی ، ابواب  السفر ، باب  ماذکر مما یستحب من الجلوس ،صفحہ: 171، حدیث :586۔( (2): ابوداؤد شريف جي روايت ۾ آهي: جيڪو شخص نمازِ فجر کان فارغ ٿيڻ کان بعد پنهنجي مصلي تي (يعني جتي نماز پڙهي) ويٺو رهي ايستائين جو اشراق جا نفل پڙهي وٺي، صرف ڀلائي جي ڳالھ ئي ڪري ته ان جا گناھ بخشيا ويندا جيتوڻيڪ سمنڊ جي جهڳ (Foam of sea) کان به وڌيڪ هجن. )ابوداود ، کتاب الصلاة ، باب صلاةالضحی ، صفحہ:211 ، حديث :1287۔( (3): ترمذي شريف جي حديثِ پاڪ ۾ آهي: جنهن چاشت جون 12 رڪعتون پڙهيون، الله پاڪ ان جي لاءِ جنّت ۾ سون جو محل (Palace of Gold) بڻائيندو.

)ترمذی،کتاب الوتر،باب  ماجاء فی صلاۃ الضحی،صفحہ:141،حدیث:473۔(

بنادے مجھے نیک نیکوں کا صَدقہ                        گناہوں سے ہردم بچا یاالٰہی!

عبادت میں گزرے مری زندگانی                       کرم ہو کرم یاخدا یاالٰہی!

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد