Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

(4): ملائڪ نماز جي لاءِ جاڳائيندا آهن

   اي عاشقانِ رسول! ملائڪن جو هڪ پيارو وصف هي به آهي ته ملائڪ ٻانهن کي نماز جي لاءِ جاڳائيندا آهن. مُعۡجَمِ اَوۡسط ۾ حضرت عبدُ الله بن مسعود  رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، رسولِ خدا، احمدِ مجتبٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جڏهن ٻانهو رات جو نماز جي لاءِ اٿڻ جي ارادي (Intention) سان سمهندو آهي ته (ان جي اٿڻ جي وقت) ملائڪ اچي ڪري چوندو آهي: اٿ! صبح ٿي وئي، نماز پڙھ ۽ الله پاڪ جو ذڪر ڪر. ٻئي پاسي شيطان چوندو آهي: اڃان رات گهڻي آهي، ترسي ڪري اٿجانءِ. جيڪڏهن (ٻانهو ملائڪ جي ڳالھ مڃي) اٿي ڪري نماز پڙهي ته اهو چُست (Active) ٿي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن شيطان جي ڳالھ مڃي ڪري سُتل رهيو ته شيطان ان جي ڪَن ۾ ناپاڪي ڪري ويندو آهي.

)معجمِ اوسط،جلد:6،صفحہ:146 ،حدیث:8293۔ (

   حضرت ابنِ زياد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي متعلق منقول آهي: پاڻ هر خميس جو جاڳي ڪري عبادت ڪندا هئا، هڪ ڀيري انهن کي ننڊ اچي وئي، پاڻ پنهنجي گهر واري (Wife) کي فرمايائون: مون کي ننڊ اچي رهي آهي، مون کي فلاڻي وقت جاڳائي ڇڏجو. گهر واريءَ هامي ڀري ورتي، جيئن ته پاڻ سمهي رهيا، رات جو جڏهن کيس اٿڻو هو، ان وقت سندن خواب ۾ ڪو آيو، ان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي پيشاني (Forehead) مان پڪڙي ڪري چيو: اي ابنِ زياد! اٿو! الله پاڪ جو ذڪر ڪري وٺو!

(حلیۃ الاولیا،جلد:2،صفحہ:277 ،حدیث:2218۔)

   سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمانن کي نماز جي لاءِ جاڳائڻ ملائڪن جو طريقو (Method) آهي وڌيڪ فضيلت جي ڳالھ هي آهي ته نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي به پياري