Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

بڻائيندا آهن؟ فرمايائون: پهريان اڳين صف مڪمل ڪندا آهن ۽ خوب ملي ڪري بيهندا آهن.   

)تفسیر بغوی، پارہ:23 ،سورۂ صافات،زیرِ آیت:1،جلد:3 ،صفحہ:653۔(

   معلوم ٿيو: ملائڪن جا اهي ڪمَ جيڪي اسان به ڪري سگهون ٿا، انهن ڪمن ۾ ملائڪن جي مشابهت (Similarity) اختيار ڪرڻ شريعت کي پسند آهي.

الله پاڪ ٻانهي کي ملائڪ صفت ڏسڻ پسند فرمائيندو آهي

   تفسير طبري ۾ آهي: مسلمانن جو ٻيو خليفو حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جو معمول مبارڪ (Schedule) هو ته جڏهن نماز پڙهائيندا هئا ته نمازين کي فرمائيندا هئا: صفون سڌيون ڪيو! اي فلاڻا تون ٿورو اڳتي ٿي وڃ! اي فلاڻا! تون پوئتي ٿي وڃ! پوءِ فرمائيندا هئا: بيشڪ الله پاڪ توهان کي ملائڪن جيان ڏسڻ پسند فرمائيندو آهي.

)تفسیر طبری،پارہ:23،سورۂ صافات،زیرِ آیت:166،جلد:10،صفحہ:29681  ملتقطًا۔(

  پيارا اسلامي ڀائرو! هن روايت مان به معلوم ٿيو: ملائڪن جي مشابهت اختيار ڪرڻ سُٺو آهي، الله پاڪ پسند فرمائيندو آهي ته اسان انسان اهڙا ڪم ڪيون جهڙا ملائڪ ڪندا آهن.

علم ڪيئن ملندو آهي؟

   امام ابو طالب مڪي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه قُوۡتُ القُلوب ۾ لکن ٿا: پهريان جي آسماني ڪتابن (Heavenly Books) مان هڪ ڪتاب ۾ آهي ته الله پاڪ فرمايو: اي بني اسرائيل! هي نه چئو ته علم آسمان ۾ آهي، ان کي ڪير لاهي ايندو؟ هي نه چئو ته علم زمين جي تَري ۾ آهي، ان کي ڪير ڪڍي ايندو؟ بلڪه اَلْعِلْمُ مَجْعُولٌ فِی قُلُوْبِکُمْ يعني علم جو مقام ته توهان جي دِل آهي،