Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

خدمت ۾ سلام عرض ڪندا آهن، پوءِ واپس موٽي ويندا آهن.

)حُسْنُ التَّنَبُّہ لِمَا وَرَدَ فیِ التَّشَبُّہ ،و منہا: قصد البیت الحرام بالحج…الخ،جلد:1،صفحہ:361۔ (

   سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه!  پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا ته شان آهي ملائڪن جو...!! * ملائڪ بَيۡتُ المَعمور ۾ باجماعت نماز ادا ڪندا آهن * هي صفون بڻائيندا آهن * پهريان اڳين صف مڪمل ڪندا آهن * صفن ۾ ملي ڪري بيهندا آهن * حضرت اسرافيلعَلَيهِ السَّلَام اذان چوندا آهن * حضرت ميڪائيلعَلَيهِ السَّلَام يا حضرت جبرائيل عَلَيهِ السَّلَام جماعت ڪرائيندا آهن * پوءِ جڏهن ملائڪ نماز پڙهي وٺندا آهن ته ڇا ڪندا آهن؟ بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿي ڪري اسان جي نبي، پياري نبي، مڪي مدني، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ سلام عرض ڪندا آهن.

   ڪاش! اسان به هي صفتون (Qualities)  اپنايون، اسان تي پنج نمازون فرض آهن ۽ هي نمازون مسجد ۾ باجماعت ادا ڪرڻ واجب آهن. ڪاش! اسان به مسجد ۾ تڪبيرِ اُولٰي سان، پهرين صف ۾ باجماعت نماز ادا ڪندا ڪيون، خوش نصيبي! نماز پڙهڻ کان بعد درود ۽ سلام پڙهڻ جي به سعادت نصيب ٿي وڃي، پوءِ ڇا ته ڳالھ آهي...!!

نمازِ باجماعت جا فضائل

   جيڪي خوش نصيبَ باجماعت نمازون پڙهندا آهن، پهرين صف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش (Efforts) ڪندا آهن، نماز کان بعد ڪجھ دير ويهي ڪري ذڪر ۽ درود پڙهندا آهن، ملائڪ انهن جي لاءِ مغفرت جون دعائون ڪندا آهن،  جيئن ته * صحابيءِ رسول حضرت ابو اُمامه رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: بيشڪ ملائڪ پهرين صف (وارن) تي درود موڪليندا (يعني انهن جي لاءِ مغفرت جون دعائون) ڪندا آهن. *

 ) مسند امام احمد، جلد:9،صفحہ:198، حدیث:22901۔ (