Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

   الله پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي، اسان ملائڪن جي نقل ڪيون، قيام به ڪيون، رڪوع به ڪيون، سجدا به ڪيون ۽ الله پاڪ جي حمد ۽ ثناء به ڪندا ڪريون.

اڄ سجدي جي رات آهي

   مشهور عاشقِ رسول، تابعي بزرگ حضرت اُويس قَرني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو معمول مبارڪ هو، پاڻ رات جو عشاء جي نماز کان فارغ ٿي ڪري فرمائيندا هئا: اڄ قيام جي رات آهي، پوءِ سڄي رات قيام ۾ گذاري ڇڏيندا هئا، اڳئين رات چوندا هئا: اڄ رڪوع جي رات آهي، پوءِ سڄي رات رڪوع ۾ گذاري ڇڏيندا هئا، ٽئين رات فرمائيندا هئا: اڄ سجدي جي رات آهي، پوءِ سجدي ۾ مٿو رکندا ۽ سڄي رات سجدي ۾ گذاري ڇڏيندا هئا.

)تذکرۃ الاولیا،صفحہ:31۔ (

مِرے دِل سے دنیا کی چاہت مِٹا کر                   کر اُلفت میں اپنی فنا یااِلٰہی!

عبادت میں گزرے مری زندگانی                     کرم ہو کرم یاخدا یاالٰہی!

تُو اپنی وِلایت کی خیرات دیدے                       مِرےغوث کا  واسطہ یااِلٰہی!

)وسائلِ بخشش،صفحہ:105۔(

(3): ملائڪ ۽ چاشت جي نماز

   پيارا اسلامي ڀائرو! ملائڪن جو هڪ پيارو وصف (Quality) آهي جو هي چاشت جي نماز به پڙهندا آهن،  جيئن ته حضرت عبدُ الله بن زيد رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مون الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سوال ڪيو ته منهنجي امّت تي چاشت جي نماز فرض ڪئي وڃي. الله پاڪ فرمايو: (اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!) هي ملائڪن جي نماز آهي، بَس اوهان جي امّت مان