Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

تَاَدَّبُوا بَیْنَ یَدَیَّ بِآدَابِ الرُّوْحَانِیِّیْنَ وَ تَخَلَّقُوْا لِیْ بِاَخْلَاقِ الصِدِّیْقِیْنَ اَظْہَرُ الْعِلْمَ فِیْ قُلُوْبِکُمْ

توهان منهنجي بارگاھ ۾ ملائڪن جهڙا آداب (Manners) اپنايو! صديقين جهڙا اخلاق اپنايو! مان توهان جي دلين ۾ علم جا چشما وهائي ڇڏيندُس.

)قوت القلوب،الفصل الحادی و الثلاثون،کتاب:العلم و تفضیلہ،جلد:1 ،صفحہ:238۔(

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پيارا اسلامي ڀائرو! * علمِ دين هدايت جو ذريعو آهي * (Source of Guidance) * علمِ دين تمام فضيلتن جو اصل آهي * علمِ دين دنيا ۽ آخرت جي ڀلائين جو مجمعو آهي ۽ هي علمِ دين ملندو ڪيئن آهي؟ اسان ملائڪن وارا آداب اپنايون، صدّيقين جهڙا اخلاق اپنايون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! الله پاڪ فضل فرمائيندو ۽ اسان جي دلين ۾ علمِ دين جا چشما وهائي ڇڏيندو.

 الله پاڪ اسان کي اهڙا آداب ۽ اخلاق ۽ پاڪيزه ڪردار نصيب فرمائي.

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن صَلَّى  اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

ملائڪن جي صفتن جو  بيان

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گهرجي ته جيترو انسان جي اختيار ۾ آهي، اوترو ملائڪن جهڙا وصف اختيار ڪرڻ، ملائڪن جهڙا ڪمَ ڪرڻ ۽ ملائڪن جهڙا آداب اپنائڻ جي ڪوشش ۾ لڳل رهون. اچو! ملائڪن جا ڪجھ ڪمَ ۽ آداب ٻڌون ٿا:

(1): ملائڪ نماز پڙهندا آهن

  ملائڪن جي پاڪيزه اخلاقن ۽ عادتن مان آهي ته ملائڪ نماز پڙهندا آهن ۽ ڪثرت سان الله پاڪ جي حُضور سجدا ڪندا آهن. قرآنِ ڪريم ۾ به ان جو