Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

هي صراطِ مستقيم ڇا آهي؟

صِرَاطَ الَّذِیۡنَ اَنۡعَمۡتَ عَلَیۡہِمۡ ۙ۬      (سيپارو: 1سورة فاتحه: آيت: 6)

ترجموڪنزالعرفان: انهن ماڻهن جو رستو جن تي تو احسان ڪيو

  سلطانُ المُفسرين حضرت عبدُ الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْه جي فرمان جي مطابق اهي جن تي انعام ٿيو، انهن ۾ ملائڪ به شامل آهن. )تفسیر طبری،پارہ:1،سورۂ فاتحہ،زیرِ آیت:6 ،جلد:1،صفحہ:106۔( ڄڻ اسان هيئن دعا ڪندا آهيون: اي الله پاڪ! اسان کي ملائڪن جي رستي تي هلاءِ، ملائڪن وارا اخلاق عطا فرماءِ! ملائڪن واريون صفتون (Qualities) عطا فرماءِ ملائڪ تنهنجا فرمانبردار آهن، اسان کي به پنهنجي اطاعت ۽ فرمانبرداري جي توفيق عطا فرماءِ اي ربِّ ڪريم! ملائڪ گناھن کان معصوم آهن، اسان کي به گناھن کان محفوظ فرماءِ.

ملائڪن جهڙيون صفون بنايو!

   قرآنِ ڪريم جي هڪ سورة آهي: سورة صافّات، ان مبارڪ سورة جي پهرين آيت ۾ الله پاڪ فرمايو:

وَ الصّٰٓفّٰتِ  صَفًّا ۙ(۱)  (سيپارو: 23، سورة صافّات: آيت: 1)

ترجمو ڪنزالعرفان: انهن جو قَسم جيڪي باقاعده صفون ٻڌل آهن.

   حضرت عبدُ الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هتي صفون ٻڌڻ وارن مان مراد ملائڪ آهن. )تفسیرِ خازن ،پارہ:23 ،سورۂ صافات،زیرِ آیت:1،جلد:4،صفحہ:15۔( حضرت جابر بن سَمُره رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف کڻي آيا ۽ فرمايائون: توهان ايئن صف ڇونه ٿا بڻايو، جيئن ملائڪ  بڻائيندا آهن. اسان عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ملائڪ ڪيئن صف