Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

وضاحت: اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هي شان آهي جو 70 هزار ملائڪ صبح جو ۽ 70 هزار شام جو حاضر ٿي ڪري درودِ پاڪ جا نذرانا پيش ڪندا آهن، شانِ رسالت جو ڪمال ته ڏسو جيڪي ملائڪ  هڪ ڀيرو حاضر ٿي ويا، هاڻي اهي ٻيهر قيامت تائين انهن جي واري نه ايندي. جن کي صرف هڪ ڀيرو ئي بارگاھِ رسالت ۾ حاضري جي اجازت نصيب ٿيندي آهي ۽ اسان غلامن تي ڇا ته ڪرم نوازيون آهن؟ ڪو هڪ ڀيرو اچي، يا هزار ڀيرا اچي، چاهي سڄي زندگي مصطفٰي جي دروازي تي پيو رهي، ڪا منع (Restriction)  ناهي،

   اي عاشقانِ رسول! هي ملائڪ آهن، جيڪي الله پاڪ جي پياري محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درودن جا گُلَ ڇٽيندا آهن، ڪاش! اسان غلامَ به همت ڪيون، پنهنجي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي خوب ڪثرت سان درود شريف پڙهندا ڪيون. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.   اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن صَلَّى  اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

ذِکْر و درود ہر گھڑی وِردِ زَباں رہے                          میری   فُضُول   گوئی   کی   عادَت   نکال   دو!

)وسائل بخشش، صفحہ:305۔(

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾