Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

آهن. )معجمِ کبیر،جلد:6،صفحہ:222 ،حدیث:13237۔( غزوهءِ بدر ۾ مسلمانن جي مدد جي لاءِ ملائڪ عمامو ٻڌي ڪري نازل ٿيا. )سبل الھدی والرشاد، جماع ابواب المغازی، الباب السابع فی بیان غزوۃ بدر ، جلد:4، صفحہ:44۔( اسان کي به عمامي جو تاج سجائڻ گهرجي * ملائڪ نيڪ صالح مسلمانن مريضن جي عيادت به ڪندا آهن. )شعب الایمان،جلد:3،صفحہ:84 ،حدیث:2953۔( اسان کي به مسلمانن جي عيادت ڪرڻ گهرجي * ملائڪ حياء وارا آهن )حُسْنُ التَّنَبُّہ لِمَا وَرَدَ فیِ التَّشَبُّہ  ،و منہا:الحیاء و غض البصر،جلد:1،صفحہ:471۔( اسان کي به حيادار بڻجڻ گهرجي * ملائڪ خوفِ خدا وارا آهن )حُسْنُ التَّنَبُّہ لِمَا وَرَدَ فیِ التَّشَبُّہ، ومنہا:شدۃ الخوف من اللہ…الخ،جلد:1،صفحہ:478۔( ملائڪ الله پاڪ جي خفيه تدبير کان ڊڄندا آهن ۽ الله پاڪ جي خفيه تدبير کان ڊڄندي لڙڪ به وهائيندا آهن، ڪاش! اسان کي به خوفِ خُدا ۾ روئڻ، لڙڪ وهائڻ نصيب ٿي وڃي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ.

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اجتماع

   پيارا اسلامي ڀائرو! ملائڪ جهڙي وصف اپنائڻ، گناھن کان بچڻ ۽ نيڪين تي استقامت ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي چڙهي ڪري حصّو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم هفتيوار اجتماع پڻ آهي. اچو! هفتيوار اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت (Participation) ڪرڻ جو ذهن بڻائڻ جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

گناهن ڀري زندگيءَ ۾ مدني انقلاب

 ڪراچي (پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاء جو بيان آهي: دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مان گناهن ڀري زندگي گذاري رهيو هيس،