Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

ملائڪن جو تعارف

   اي عاشقانِ رسول! ملائڪ به الله پاڪ جي مخلوق آهن * هي الله پاڪ جا فرمانبردار (Obedient) آهن * الله پاڪ انهن کي نورَ مان ٺاهيو آهي * ۽ انهن کي هيءَ طاقت عطا فرمائي آهي جو هُو جيڪا شڪل چاهين اختيار ڪري سگهن ٿا * ملائڪ ڄاڻي واڻي يا ويسَر ۾ ڪڏهن به الله پاڪ جي نافرماني ناهن ڪندا * صرف اهو ئي ڪم ڪندا آهن جنهن جو الله پاڪ انهن کي حڪم ڏيندو آهي * سڀ ملائڪ معصوم آهن (يعني انهن کان گناھ ٿيڻ شرعاً ناممڪن آهي لهٰذا هي هر قِسم جي ننڍن وڏن گناھن کان پاڪ آهن.)بہارِ شریعت،جلد:1 ،صفحہ:90 ،حصہ:1 بتغیر قلیل۔( ڪُل ملائڪ ڪيترا آهن؟ انهن جو تعداد الله پاڪ کي معلوم آهي يا الله پاڪ جي عطا سان ان جا پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڄاڻين ٿا. )بہارِ شریعت،جلد:1، صفحہ:94 ،حصہ:1 بتغیر قلیل۔( اسان کي هي حڪم آهي ته اسان سڀني فرشتن تي ايمان آڻيون، يعني اسان جو عقيدو هي هجڻ گهرجي ته جيترا ملائڪ آهن، اسان سڀني تي ايمان آڻيون.

ملائڪن جي باري ۾ اسلامي عقائد

   بهارِ شريعت ۾ آهي: * ملائڪ نه مرد آهن نه عورت * ) بہارِ شریعت،جلد:1 ،حصہ:اول ،صفحہ:93۔ ( * ڪنهن ملائڪ  جي معمولي گستاخي ڪفر آهي * جاهل ماڻهو پنهنجي ڪنهن دشمن (Enemy) يا ناپسنديده شخص کي ڏسي ڪري چوندا آهن: مَلَڪُ المُوت اچي ويو، هي جملو ڪفر جي ويجهو آهي * ملائڪن جي وجود جو انڪار ڪرڻ يا هي چوڻ ته ملائڪ نيڪي جي قُوت کي چوندا آهن، ان کانسواءِ ڪجھ ناهي، هي ڳالهيون ڪفر آهن. )بہارِ شریعت،جلد:1 ،صفحہ:95 ،حصہ:1 بتغیر قلیل۔