Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

ڪم ڪرڻ وارا بڻجي وڃون.

آہ! پلّے نہ کچھ تلاوت ہے                                 نہ دُرُودوں کی کوئی کثرت ہے

آہ! عصیاں کی خُوب کثرت ہے                         یانبی!      التجائے      رحمت       ہے

ایسی عصیاں کی پڑگئی لت ہے                            پھر وُہی بعدِ توبہ حالت ہے

آنکھ نم ہے نہ کچھ ندامت ہے                           آہ! اعمال کی یہ شامت ہے

)وسائلِ بخشش،صفحہ:685۔(

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

نيڪ سيرت بڻجڻ جي دعا

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ۾ ۽ ملائڪن ۾ هزار طرح جا فرقَ (Differences)  آهن * ملائڪ نور مان  پيدا ٿيندا آهن ۽ اسان مٽيءَ مان * ملائڪ کائيندا پيئندا ناهن ۽ اسان کائڻ پيئڻ جا محتاج آهيون * اسان جي زندگي عارضي (Temporary) آهي جڏهن ته ملائڪن ۾ تمام گهڻو فرق آهي، باقي! شريعت ۾ هن ڳالھ جي ترغيب (Motivation) ڏني وئي آهي ته اسان ملائڪن جي مشابهت اختيار ڪيون، ملائڪن وارا اخلاق اپنايون، ملائڪ  جيڪي ڪم ڪندا آهن، جيڪڏهن اسان جي طاقت ۾ هجن ته اهي ڪم ڪندا ڪريون.

    سورة فاتحه ۾ اسان دعا ڪندا آهيون:

اِھۡدِ نَا الصِّرَاطَ الۡمُسۡتَقِیۡمَ ۙ(۵)  (سيپارو: 1سورة فاتحه: آيت: 5)

ترجمو ڪنزالعرفان: اسان کي سڌي رستي تي هلاءِ.