Book Name:Farishta Sifat kaise Banein

جهڳڙن کان بچون ۽ ڀائرَ بڻجي ڪري پيار محبت سان رهندا ڪيون.

کوئی جھاڑ دے تب بھی نرمی بَرَتنا                        کئے جانا صَبْر اَجر اِس میں بڑا ہے

)وسائلِ بخشش ،صفحہ:455۔(

ملائڪ اولياءِ ڪرام سان محبت ڪندا آهن

   ملائڪن جون وڌيڪ صفتون ٻڌندا! ملائڪ نيڪ ماڻهن سان، اولياءِ ڪرام سان محبت ڪندا آهن، جي ها! قرآنِ ڪريم ۾ آهي، ملائڪ نيڪ ماڻهن کي چوندا آهن:

نَحۡنُ اَوۡلِیٰٓؤُکُمۡ فِی الۡحَیٰوۃِ  الدُّنۡیَا وَ فِی الۡاٰخِرَۃِ ۚ  (سيپارو: 24، سورة حم سجده: آيت: 31)

ترجموڪنزالعرفان: اسان دنيا جي زندگي ۾ ۽ آخرت جي زندگي ۾ توهان جا دوست آهيون.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اسان کي به نيڪ ماڻهن سان، اولياءِ ڪرام سان محبت آهي * هر عاشقِ رسول سان محبت آهي * اسان غوثِ پاڪ سان به محبت ڪندا آهيون * خواجه اجمير سان به محبت ڪندا آهيون * داتا حضور سان به محبت ڪندا آهيون * بابا فريد سان به محبت ڪندا آهيون * شاھ رڪنِ عالَم سان به محبت ڪندا آهيون * سلطان باهو سان به محبت ڪندا آهيون * الله پاڪ جو فضل آهي جو اسان کي اعلٰي حضرت سان به محبت آهي * تمام اولياءِ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم سان محبت آهي ۽ هي محبت ڇو نه هجي جو ملائڪ به اولياء سان محبت ڪندا آهن ۽ الحمد لله! اسان جو پيارو الله پاڪ به اولياءِ ڪرام سان پيار فرمائيندو آهي.

ہم کو سارے اولیا سے پیار ہے                                                                            اِنْ شَآءَ اللہ اپنا بیڑا پار ہے

ملائڪ خوفِ خدا وارا آهن

   پيارا اسلامي ڀائرو! * ملائڪن جي صفتن مان آهي ته ملائڪ عمامو ٻڌندا