Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai
صحابيء رسول حضرت اَنَس رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، الله پاڪ جي پياري ۽ آخري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ شخص کي فرمايو: دَعْ مَا يَرِيْبُڪَ اِليٰ مَا لَايَرِيْبُڪَ جيڪو تنهنجي دِل ۾ کُٽڪي، ان کي ڇڏي ڏيو! ايستائين جو ڪا کُٽڪو باقي نه رهي۔ ان شخص عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! مان دِل جي کُٽڪي کي ڪيئن ڄاڻي سگھان ٿو؟ فرمايائون: جڏهن توهان ڪجھ ڪرڻ لڳو ته پنهنجي سيني تي هٿ رکي ڏسو! بيشڪ دِل حرام تي لرزندي آهي، ڌڙڪن تيز ٿيندي آهي ۽ حلال ڪم تي دِل پُرسڪون هوندي آهي۔([1])
اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ اسان جي دِل ۾ هي خاصِيت رکي آهي ته بُرو ڪم ڪرڻ لڳون ته دِل جي دڙڪن تيز ٿي ويندي آهي، شايد اسان مان ڪافي سارن کي اندازو هوندو ته جڏهن ماڻهو پهريون ڀيرو ڪو بُرو ڪم ڪري ٿو ته دِل ۾ گھبراهٺ ٿيڻ لڳندي آهي، مثلاً چور جڏهن پهريون ڀيرو چوري ڪندو آهي يا شرابي جڏهن پهرين دفعي شراب پيئندو آهي، وياج خور جڏهن پهرين ڀيرو وياج وٺندو يا ڏيندو آهي ته دِل گھٻرائيندي آهي، ڌڙڪن تيز ٿيندي آهي، جيڪڏهن ان وقت ماڻهو دِل جي ٻُڌي وٺي، ضمير مان اٿڻ واري آواز کي مڃي ۽ گُنَاھ کان رُڪجي وڃي ته دِل جي هي ڪيفيت باقي رهندي آهي ۽ جيڪڏهن ماڻهو ان وقت دِل جي فِڪر نه ڪري بلڪه بُرائي ڪري ته آهسته آهسته هو ان بُرائي جو عادِي ٿي ويندو آهي، ايئن دِل تي ڪاراڻ اڇي ويندي آهي ۽ دِل جي ڪيفيت تبديل ٿي ويندي آهي. هن مان خبر پئي ته اسان جي دِل بُري ڀلي جي تميز رکي ٿي پر جڏهن ان تي گُنَاهن جي ڪاراڻ وڌي وڃي، دِل بلڪل گُنَاهن کان ناپاڪ ٿي وڃي، تڏهن هي چڱائي بُرائي جي تميز ناهي ڪري سگھندي۔