Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai
مان ٻڌايان توهان ڇا پڇڻ آيا آهيو؟
سُبحٰنَ الله! هن کي چئبو آهي: غيب جو عِلم! ڪنهن عاشِقِ رسول ڇا ته خوب چيو آهي:
اے کہ ذاتِ پاکِ تُو صُبْحِ دُہُور چَشْمِ تُو بِینَنْدَۂ مَا فِی الصُّدُوْر
وضاحت: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! اوهان جي ذات روشن صبح جيان آهي، اوهان جون مبارڪ اکيون دلين جا حال ڏسي وٺن ٿيون۔
خير! حضرت وابِصَه رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: مون عَرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! اوهان هي فرمايو! مان ڇا پڇڻ آيو آهيان؟ فرمايائون: وابِصَه! توهان نيڪي ۽ گُنَاھ بابت پڇڻ آيا آهيو۔ هي فرمائي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجون ٽي مبارڪ آڱريون پاڻ ۾ ملايون ۽ منهنجي سيني تي رکيون ۽ فرمايائون: پنهنجي دِل کان پڇندا ڪيو! نيڪي اها آهي جنهن تي توهان جي دِل مطمئن هجي ۽ گُنَاھ اهو آهي جيڪو توهان جي دِل ۾ کُٽڪي ۽ دِل ٻڏُتر (شک) ٿئي۔([1])
هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ عالم سڳورا فرمائن ٿا: وڏن رُتبن وارن ولي سڳورن جون دِليون پاڪ صاف هونديون هيون، دِل ۾ الله پاڪ جي معرفت جو نُور چمڪي رهيو هوندو هو، نيڪي ۽ گُنَاھ جو هي معيار اُنهن سان خاص آهي۔([2])
جڏهن ته اسان جهڙا عام ماڻهو جن جون دِليون گُنَاهن جي گندگي سان ميريون ٿي چڪيون آهن، انهن جي لاءِ اهو ئي حڪم آهي ته هو عالم سڳورن کان پڇن، عاشقانِ رسول مفتيانِ ڪرام جي خِدمت ۾ حاضِر ٿين، هو جيڪو ارشاد فرمائن، قرآن و سُنّت جي روشني ۾ جيڪو فيصلو ڏين، ان تي عَمَل ڪن۔ مشهور مُفَسِّرِ قرآن، حڪيم الاُمَّت مفتي احمديار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: حضور، پُرنُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت وابصه رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيني تي هٿ رکي کين دِل کي فيض ڏنو، جنهن سان انهن جو نفسِ مُطمَئن ۽ دِل وسوسن کان پاڪ صاف ٿي وئي، ڇوته هاڻي هي دِل پاڪ صاف هئي، ان ڪري فرمايائون: اي وابصه! اڄ کان گُنَاھ ۽ نيڪي جي سڃاڻپ هي آهي ته جنهن تي توهان جي دِل ڄمي اها نيڪي هوندي ۽ جنهن کي توهان جي دِل قبول نه ڪري، اهو گُنَاھ هوندو۔ هي حُضُور، پُرنُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هٿ مبارڪ جو اَثَر آهي نه ته اسان جهڙن ماڻهن لاءِ هي حڪم نه آهي۔([3])
دِل کرو ٹھنڈا مرا، وہ کفِ پا چاند سا سینے پہ رکھ دو ذرا تم پہ کروڑوں درود