Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

انهن جي ادائيگي به لازمي آهي۔

وہ تو نہایت سَسْتا سودا،                                                                       بیچ رہے ہیں جنت کا

ہم مُفلس  کیا  مول  چکائیں،                                                      اپنا  ہاتھ ہی  خالی ہے([1])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ!                                                                                               صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّيَّةُ الْحَسَنَةُ تُدْخِلُ صَاحِبَهَا الْجَنَّةَ سٺي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔([2])     

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪريون ٿا، مثال طور نيت ڪريو!  * رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس * با اَدَب ويهندس * خوب تَوَجُّه سان بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔ اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ!                                                                                                صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

طالِبِ عِلمِ دِين جي نصيحت

علَّامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ٻار مدرسي ۾ پنهنجي ڦرهي (تختي) ڌوئي رهيو هو، پاڻي سان ڦرهي جي سياهي(ڪاراڻ) نه لٿي ته ٻار هڪ رَسِّي کڻي، ان کي پاڻي سان آلو ڪري وري رَسِّي تي مِٽي لڳائي ۽ ان جي ذريعي سياهي ڌوئڻ لڳو، قريب ئي هڪ شخص بيهي هي منظر ڏسي رهيو هو، ڦرهي ڌوئڻ جو هي نرالو انداز ڏسي ان شخص چيو: پٽ! ڦرهي کي رَسِّيءَ سان ڇو رڳڙي رهيا آهيو؟ ٻار چيو: سياهي پڪي آهي، ان کي لاهي رهيو آهيان۔ ان شخص پڇيو: ڇا رَسِّي سان سياهي لهي ويندي آهي؟ ٻار ذهين هو، هڪدم


 

 



[1]...حدائقِ بخشش، صفحہ:186۔

[2]...مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔