Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَـوَیْتُ سُنَّتَ الاعْتِکَاف  

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

درود شريف جي فضيلت

الله پاڪ جي پياري حبيب، دلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو شخص محبت ۽ شوق سان 3 ڀيرا ڏينهن ۾ ۽ 3 ڀيرا رات ۾ مون تي درودِ پاڪ پڙھي، الله پاڪ تي حق آهي ته ان جي اُن ڏينهن ۽ ان رات جا گُنَاھ مُعَاف فرمائي ڇڏي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! جيڪڏهن اسان ٿورو ڌيان ڪريون ته ڪيتري سولائي سان گُنَاھ بخشرائي سگھجن ٿا، مثال طور صبح فجر نماز باجماعت ادا ڪريون، مٿو جھڪائي، اکيون بَند ڪري ۽ سبز سبز گنبد جو تَصَوُّر ڪري 3 ڀيرا درودِ پاڪ پڙھون، اهڙي طرح رات جو سمهڻ مهل بستر تي قبلي ڏانهن منهن ڪري ويهي، مٿو جھڪائي، اکيون بند ڪري ۽ پياري پياري گنبدِ خضرا جو تَصَوُّر ٻَڌي 3 ڀيرا دُرودِ پاڪ پڙھون، اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! ان ڏينهن ۽ ان رات جا گُنَاھ مُعَاف ٿي ويندا، خيال رهي! ڪبيره گُنَاھ سچي توبه سان مُعَاف ٿين ٿا، اهڙي طرح قضا نمازون، قضا روزا، ٻانهن جا مالِي، جسماني حق ذِمي تي هجن ته


 

 



[1]...معجم کبیر، جلد:8، صفحہ:69، حدیث:15316۔