Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

بچي، موت کي ياد ڪري۔

حسد بابت مزيد معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جو حسد نالي رسالو خريد ڪري پڙھو، اوهان هن رسالي کي دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان مُفت ڊاؤن لوڊ (Download) به ڪري سگھو ٿا، اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! حَسَد جي آفت کان نجات ملندي ۽ دِل پاڪ ٿي ويندي۔

(3):جَلد بازي

دِل جي سختي ۽ هن جي اِصلاح ۾ ناڪامي جو ٽيون وڏو سبب آهي: عُجلَت (جلد بازي) يعني ڪو به ڪم بغير سوچي سمجھي، بنا غَور و فِڪر جي ڪرڻ۔

جلدبازي 2 طرح دِل جي بگاڙ ۽ اِصلاح ۾ ناڪامي جو سبب بڻجي ٿي: (1): هڪ هن طرح جو دِل جي اِصلاح جي لاءِ وقت درڪار آهي؛ جيڪڏهن ڪنهن ڪامِل ولي جي نگاھ عنايت نصيب ٿي وڃي تڏهن ته هڪ ئي نگاھ ۾ دِل پاڪ صاف ٿي ويندي آهي، نه ته هن جي لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پوندي آهي، نيڪ عملن سان آهسته آهسته دِل پاڪ ٿيندي آهي بلڪه دِل گُنَاهن جي ڪاراڻ سان ڀريل هجي ته هڪ وڏو وقت نيڪين جي عادَت بنائڻ ۾ لڳي ويندو آهي، پوءِ ڪٿي دِل جي سياهي لهڻ شروع ٿيندي آهي پر جلد باز ماڻهو ايترو صبر ناهي ڪندو، هو ٻه چار ڏينهن ڪوشش ڪندو آهي، بظاهر فائدو ناهي ڏسندو ته همّت هاري ويهندو آهي هيئن ان جي لاءِ دِل جي اِصلاح ڪرڻ انتهائي ڏکيو ٿي ويندو آهي۔ ان ڪري دِل جي اِصلاح گهرجي ته ضروري آهي انسان جلد بازي ڇڏي ڏي ۽ دِل جي صَفَائي جي لاءِ نيڪين ۾ لڳل رهي، ڪوشش ڪندو رهي۔ اسان جي آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اسان جو هي دين تمام مضبوط آهي لهٰذا نرمي سان ان ۾ اڳتي وڌو ڇوته هاري نه زمين کي بلڪل صاف ڪندو آهي نه ئي ان جو مٿي وارو حصو پهرين وانگر ڇڏيندو آهي۔([1]) (2): عُجلَت (جلد بازي) دِل جي سخت ٿيڻ جي ٻي  وجھ ھي آهي ته دِل جي


 

 



[1]...الزہد لابن المبارک، صفحہ:415، حدیث:1178۔