Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

اِصلاح جي لاءِ وَرَع (يعني پرهيزگاري مثلاً گُنَاهن کان بچڻ) نهايت ضروري آهي ۽ پرهيزگاري جي اَصل هي آهي ته ٻانهو هر ڪم ڏسي، غور و فِڪر سان ڪري، جڏهن ماڻهو صبر و تحمل ۽ غور وفڪر جي بدران جلد بازي کان ڪم وٺندو، غور و فِڪر نه ڪندو ته ان جو گُنَاهن ۾ مبتلا ٿيڻ جو سخت انديشو آهي، مثلاً هو بنا سوچي سمجهي ڳالهائڻ جو عادِي آهي ته ڪوڙ، غيبت، چغلي وغيره گُنَاهن ۾ پئجي سگھي ٿو، جيڪڏهن بنا سوچي سمجھي کائڻ جو عادِي آهي ته حرام کائڻ ۾ ڦاسي سگھي ٿو، ايئن جلد باز جو گُنَاهن کان بچڻ سخت دُشوار آهي ۽ جيڪڏهن گُنَاهن کان نه بچي سگھيو ته دِل جي اِصلاح ڪيئن ٿيندي؟ بلڪ گُنَاهن جي مزيد سياهي دِل تي وڌي ويندي آهي۔

ان ڪري دِل جي اِصلاح جي لاءِ ضروري آهي ته انسان جلد بازي کان بچي، بُردباري ۽ تحمل مزاجي اپنائي، هر ڪم غور و فِڪر سان، تحمل مزاجي ۽ بُردباري سان ڪري۔ هن جو هڪ بهترين طريقو هي به آهي ته هر جائِز ڪم کان پهريان ڪجھ سيڪنڊ رُڪي سٺيون سٺيون نيتون ڪرڻ جي عادَت بڻائي وڃي، هن جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! ثواب وڌندو، هر نيڪ ۽ جائِز ڪم ۾ الله پاڪ جي رضا جي نيت شامِل رهندي ته اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! دِل جلد پاڪ ٿي ويندي۔

(4): تڪبُّر

دِل جي سختي جو چوٿون وڏو سبب آهي: تڪبُّر۔ پاڻ کي ٻين کان بهتر سمجھڻ جو نالو تڪبُّر آهي۔ هي ته انتهائي تباھ و برباد ڪرڻ واري دل جي بيماري آهي، جيڪڏهن خدانخواسته تڪبّر پختو ٿئي غالِب  ٿي وڃي ته ان کان نجات  حاصل ڪرڻ  ڏاڍو ڏکيو ٿي ويندو آهي بلڪه بعض دفعا ته تڪبّر جي سبب دِل تي مُهر لڳائي ويندي آهي۔ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

کَذٰلِکَ یَطۡبَعُ اللّٰہُ  عَلٰی کُلِّ  قَلۡبِ مُتَکَبِّرٍ  جَبَّارٍ  ( ۳۵ )   (پاره:24،سورۂ مؤمن:35)

ترجَموڪنزُالعرفان: الله هر متڪبر سرڪش جي دل تي انهي طرح مهر لڳائي ڇڏيندو آهي.