Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

سمجھيو ويندو آهي، کلي، کلائي دادا وٺندا آهن، اڄڪلھ ته انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جو دَور آهي، ماڻهو کلڻ کلائڻ واريون ڳالهيون ڪري، اهڙين فُضُول حرڪتن جي ويڊيو بنائيندا ۽ Tik Tok وغيره جي ذريعي وائرل ڪري پاڻ کي وڏو فنڪار سمجھندا آهن۔ الله پاڪ اسان کي هدايت نصيب فرمائي۔ وڌيڪ کلڻ، کلائڻ سٺي ڳالھ ناهي۔

اهڙي طرح گهڻو کائڻ سان به دِل سخت ٿيندي آهي، امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان ڪنهن پڇيو: ڇا ڪو اهڙو آهي جيڪو پيٽ ڀري کائيندو هجي ۽ ان جي دِل به نرم هجي؟ فرمايائون: مون ناهي ڏٺو (يعني ايئن نٿو ٿي سگھي ته ماڻهو پيٽ ڀري کائي، پوءِ به ان جي دِل نرم ئي رهي)۔([1]) ۽ دِل جي سختي جو سڀ کان وڏو سبب گُنَاهن جي ڪثرت آهي، لهٰذا گُنَاهن کان به هر دَم بچندو ئي رهڻ گھرجي۔

عالم سڳورا فرمائن ٿا: دِل جي سختي جو سڀ کان جلد اَثَر ڪرڻ وارو علاج هي آهي ته ماڻهو قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪري۔ حضرت يحيٰ بن معاذ رازي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: دِل جي سختي جو عِلاج 5 ڳالهين ۾ آهي: (1):غور و فِڪر سان تِلاوت (2): پيٽ کي خالي رکڻ (3):رات جو عِبَادت ڪرڻ (4):سحري جي وقت بارگاھ اِلٰهي ۾ ٻاڏائڻ (5): ۽ نيڪ ماڻهن جي صحبت ۾ ويهڻ۔([2])

دِل جي سختي جا 3 روحاني علاج

شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت حضرت علَّامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي ڪتاب مدني پنج سُوره ۾ لکن ٿا: (1): جيڪو هر نماز کان بعد 100 ڀيرا يااللهُ پڙھي، اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! ان جو باطِن ڪشَادو ٿيندو (2): جيڪو روزانو فجر نماز کان بعد سيني تي هٿ رکي 70 ڀيري يَافَتَّاحُ پڙھي، اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! ان جي دِل جو زنگ و ميل پري ٿيندو (3): ۽ جيڪو روزانو


 

 



[1]...ذم قسوة القلوب، صفحہ:262۔

[2]...ذم قسوة القلوب، صفحہ:263۔