Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai
وضاحت: اي منهنجا پيارا آقا ومولا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! پنهنجي چنڊ جهڙن پيرن جي ترين کي منهنجي سيني تي رکي منهنجي دل کي ٿڌو فرمايو اوهان تي ڪروڙين درود وسلام هجي۔
پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو ڪريو! پاڪيزه دِل ڪيتري عظيم نعمت آهي، بلند رُتبي وارا ولي سڳورا جن جون دِليون صاف هونديون آهن، انهن تي گُنَاهن جي سياهي ناهي هوندي، معرفتِ اِلٰهي جو نُور کين دِلين ۾ جڳمڳائي رهيو هوندو آهي، انهن جي دِل کي نيڪي ۽ گُنَاھ جي جانچ ڏني وئي آهي، خُدانخواسته جيڪڏهن اتفاقاً ڪڏهن ڪو معاملو ٿي به وڃي ته ان پاڪيزه دل وارن کي هڪدم کٽڪو ٿيندو آهي ۽ هُو گُنَاهن کان بچي ويندا آهن، ياد رهي! اولياءِ ڪرام الله پاڪ جي عطا سان گُنَاهن کان محفوظ هوندا آهن۔
آڱر جي رڳ بي قرار ٿي ويندي هئي
شيخ ابو علي دَقَّاق رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: حضرت حارِث مُحاسبي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪڏهن لاعلمي ۾ شبهي (شڪ) واري کاڌي ڏانهن هٿ وڌائيندا هئا ته سندن آڱر جي رَڳ بي قرار ٿي ويندي هئي، ايئن کين معلوم ٿي ويندو هو ته هي کاڌو (100 فيصد) حلال نه آهي، هن ۾ ڪجھ شُبهو آهي۔ هڪ ڀيري پاڻ ڪٿان کان گذري رهيا هئا، هڪ عقيدت مند ماني جي دعوت ڏني، پاڻ ان جي دِلجوئي جي لاءِ ان جي گھر ويا، پاڻ پهريون گرھ وات ۾ رکيو، پوءِ ان کي وات ۾ ڦيرائيندا رهيا، نڳرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر نڳري نه سگھيا، آخر پاڻ اهو گرھ وات مان ڪڍي ڇڏيو۔ بعد ۾ معلوم ٿيو؛ ان کاڌي ۾ شُبهو هو.([1])
اهڙي طرح کوڙ سارا ولي سڳورا آهن، جن کي حرام ۽ مشڪوڪ کاڌي جي خبر پئجي ويندي هئي۔
سُبحٰنَ الله! هي آهن پاڪيزه دِل ماڻهو...!! دِل جي پاڪيزگي جي عَلامتن مان