Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

جي آس پاس ويندا هئا، ان کي ڏسندا هئا ۽ ان جي خوبصورتي سبب حيران ٿيندا هئا۔ اِبليس (يعني شيطان) جيڪو ان وقت ملائڪن سان گڏ رهندو هو، هو به هڪ ڏينهن حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي خاڪي جسم کي ڏسڻ آيو ۽ ان جي چوڌاري چڪر لڳائي چيائين: اي ملائڪو! (هي آهي اهو جن کي الله پاڪ زمين تي پنهنجو خليفو بڻايو آهي)، توهان هن سان تعجب ڪريو ٿا؟ هي ته اندر کان هڪ خالي جسم آهي، هن ۾ جڳھ جڳھ سوراخ آهن، هن خالي جسم سان ڪجھ نه ٿي سگھندو، پوءِ (مزيد ڏسڻ کان بعد) چيائين: ها! هن جي سيني جي کاٻي (Left) پاسي هڪ بند ڪوٺڙي آهي، هي خبر نه آهي ته هن ۾ ڇا آهي؟ شايد اهو ئي ان رَبَّاني لطيفي جي جڳھ هجي جنهن جي ڪري هي خلافت جو حق دار ٿيو آهي۔([1])

دُنياوي ترقي کي دوام ڪڏهن ملي ٿو؟  

اي عاشقانِ رسول! هي واقعي حقيقت آهي، اسان جي سڄي طاقت اسان جي دِل ئي آهي، انسان وٽ مال هجي يا نه هجي، اعليٰ لباس، قيمتي گاڏي، بينڪ بيلنس، گھر بنگلو، ڪجھ به نه هجي، دِل صاف هجي، دِل ۾ نورِ ايمان هجي، عبادت جو نُور موجود هجي ته اهو شخص ڪامياب آهي ۽ جيڪڏهن ماڻهو وٽ سڀ ڪجھ هجي، دُنيا جي هر نعمت موجود هجي، دُنياوي لحاظ کان چاهي هو ڪيترو ئي ترقي يافته هجي، جيڪڏهن ان جي دِل ڪاري آهي ته ڪامياب ٿيڻ ته رهيو پري، بعض دفعا انسان چورائڻ جو به حق دار نٿو رهي۔ ڏسو! فِرعَون دُنياوي لحاظ کان ڪيترو ترقي يافته ۽ ڪامياب هو، ان وٽ مال ۽ دولت به هئي، تاج و تخت به هو، حڪومت به هئي، هزارن جو لشڪر به موجود هو، سڀ ڪجھ موجود هو پر ان وٽ پاڪيزه دِل نه هئي، ان جي دِل ۾ ايمان جو، معرفتِ اِلٰهي جو نُور نه هو، ان جي دِل ڪفر جي اونڌاھين ۾ غرق هئي، ڏسو! نتيجو ڇا نڪتو...!! فِرعَون پنهنجي لشڪر سميت دريا ۾ غرق ٿي ويو، ان جو ڪفر،


 

 



[1]...تفسیر نعیمی ، پارہ :1، سورۂ البقرۃ، تحت الآیۃ:30، جلد:1، صفحہ:267 بتغیر قلیل ۔