Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

ته جيئن اسان جو ايترو قيمتي خزانو محفوظ رهي سگھي۔([1])

  پيارا اسلامي ڀائرو! دِل ئي اَصل سرمايو آهي، اهو ئي اَصل زِندگي آهي، دِل ئي الله پاڪ جي نظر جو مقام آهي، دِل جي پاڪيزگي ڪاميابي جو ذريعو آهي، هن جي بدولت ئي الله پاڪ جي معرفت نصيب ٿيندي آهي، اسان کي گھرجي ته اسان دِل جي صَفَائي سٿرائي تي ڀرپُور تَوَجُّھ ڏيون، دِل کي گُنَاهن جي مَيل ڪچيل کان بچايون، باطني گُنَاهن کان دِل پاڪ ڪريون، بغض ۽ ڪيني، بدگماني، دُنيا جي محبت، مال جي محبت، غرور، تڪبر، حَسَد وغيره غلاظتن کان دِل کي محفوظ رکون۔ الله پاڪ اسان کي دِل جي پاڪيزگي نصيب فرمائي۔

آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

دِل جون 4 بيماريون ۽ انهن جو علاج

پيارا اسلامي ڀائرو! دِل جون بيماريون بيشُمار آهن ۽ انهن جا علاج به گھڻا آهن، امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه منهاج العابدين ۾ انهن جو خُلاصو بيان ڪيو آهي، پاڻ فرمائن ٿا: دِل جي سختي جا 4 بنيادي سبب آهن، جيڪڏهن ماڻهو انهن کان بچي وڃي ته اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! ان جي دِل صاف ٿي ويندي آهي۔

(1):دِل جي سختي جو پهريون سبب: ڊگھي اُمِّيد

دِل جي سختي جو پهريون سبب آهي: ڊگھي اُمِّيد ؛ يعني وڏي عرصي تائين زِندھ رهڻ جو يقين۔ هي دِل جي سختي جو بنيادي سبب آهي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

فَطَالَ عَلَیۡہِمُ  الۡاَمَدُ فَقَسَتۡ قُلُوۡبُہُمۡ ؕ  (پاره:27،سورۂ حديد:16)

ترجَموڪنزُالعرفان: پوءِ انهن تي مدت ڊگهي ٿي وئي پوءِ انهن جون دليون سخت ٿي ويون


 

 



[1]...منہاج العابدین مترجم، صفحہ:145۔