Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

معلوم ٿيو؛ تڪبر دِل تي مُهر لڳڻ جو سبب آهي۔ ان ڪري ضروري آهي ته ٻانهو تڪبّر کان هميشه بچندو رهي، عاجزي جو پيڪر بڻجي، حديثِ پاڪ ۾ آهي: مَنْ تَوَاضَعَ لله رَفَعَهُ اللهُ يعني جيڪو الله پاڪ جي لاءِ عاجزي ڪندو آهي، الله پاڪ ان کي بلندي عطا فرمائيندو آهي ۔([1])

مٹا دے اپنی ہستی کو اگر کچھ مرتبہ چاہے  کہ دانہ خاک میں مل کر گلِ گلزار ہوتا ہے

اي عاشقانِ رسول! دِل جي سختي جي هي 4 بنيادي سبب آهن: (1): ڊگھيون اُمِّيدون (2): حَسَد (3): جلد بازي (4): ۽ تڪبّر۔ اسان کي انهن چئني کان بچڻو آهي * ڊگھيون اُمِّيدون نه رکڻ گھرجن بلڪه موت کي هميشه ياد رکڻو آهي، اهو ئي تَصَوُّر قائم رکو ته بَس موت اچڻ ئي وارو آهي * حَسَد جي باھ ۾ ناهي سڙڻو، جيڪو الله پاڪ عطا ڪيو، ان تي شڪر گذار رهڻو آهي ۽ هميشه ٻين جو ڀلو ئي چاهيڻو آهي، ڪڏهن ڪنهن جو بُرو ناهي سوچڻو * ڪڏهن به جلد بازي کان ڪم ناهي وٺڻو، هر ڪم غور وفِڪر سان، آرام سان، تحمل سان ڪرڻ جي عادَت بنائڻي آهي * ۽ تڪبّر کان ته ضرور به ضرور بچڻو آهي ڇوته شيطان جي هزارين سال جي عِبَادَت انهيء تڪبّر جي ڪري ضايع ٿي ۽ هو هميشه جي لاءِ نامراد ٿي رهجي ويو۔ هي 4 ڪم ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! دِل جي اِصلاح ٿيندي، دِل اُجري ۽ صاف سٿري ٿي پوندي۔

دِل جي اِصلاح بابت ڪجھ وڌيڪ نسخا

دِل جي سختي جا ڪي مزيد سبب به آهن، مثلاً؛ حديث ۾ اچي ٿو ته گهڻو ڳالهائڻ ۽ گهڻي کلڻ سان دِل مُردَه ٿي ويندي آهي،  تنهنڪري  گهڻو ڳالهائڻ کان بچو، گهڻي کلڻ  کان  به بچو۔ وڏي اَفسَوس جهڙي ڳالھ آهي ته اسان جا آقا و مولا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا: گھڻو نه کلو، ڇوته گهڻو کلڻ دِل کي مُرده (يعني سخت) ڪندو آهي۔([2]) پر اسان وٽ کلڻ کلائڻ کي فَن (Art)


 

 



[1]...مسند بزار، جلد:3، صفحہ:161، حدیث:946۔

[2]...ابن ماجہ، کتاب الزہد، باب الحزن والبکاء، صفحہ:681، حدیث:4193۔