Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

آهي ته ٻانهو جي دل نيڪين ۾ لڳڻ لڳندي آهي، گُنَاهن کان نفرت ٿي ويندي آهي، جيڪڏهن اسان به پنهنجي دِل پاڪ ڪريون، گُنَاھ ڇڏيون، پڪي سچي توبه ڪريون، نيڪيون ڪريون، نيڪن جي صحبت اِختيار ڪريون، ڪثرت سان تلاوتِ قرآن ڪري، ذِڪرُ الله جي ذريعي، موت کي ياد ڪري پنهنجي دِل پاڪ صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ته اَولياءِ ڪرام جهڙيون ڪرامتون توڙي جو نصيب نه ٿين، گُنَاهن کان نفرت ته اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! مِلي ئي ويندي، نيڪين ۾ دِل به لڳڻ لڳندي، نمازن ۾، عبادتن ۾ لطف ايندو، ايئن الله پاڪ چاهيو ته دِل جي پاڪيزگي جي برڪت سان گُنَاهن ۽ بُرائين کان بچي ويندا۔ الله پاڪ اَولياءِ ڪرام جي صَدقي اسان کي به دِل جي پاڪيزگي جو فِڪر عطا فرمائي۔

دِل کا اُجْڑا چمن ہو پھر آباد        کوئی ایسی ہَوا چَلا یارَبّ!

نفس و شیطان ہو گئے غالِب       ان کے چُنگل سے تُو چُھڑا یارَبّ!

نِیْم جاں کر دیا گُنَاہوں نے        مرضِ عصیاں سے دے شِفا یارَبّ!

واسطہ میرے پیر و مرشِد کا       مجھ  کو   تُو  متقی  بنا   یارَبّ! ([1])

دِل ئي انسان جي اَصل طاقت آهي

ياد رکو! اَصل زِندگي اها ئي آهي ته انسان جي دِل زندھ هجي، جيڪڏهن دِل زِندھ نه هجي، گُنَاهن جي سياهي ۾ ڦاٿل هجي ته زِندگي زِندگي نه، بلڪه وبال بڻجي ويندي آهي۔

زِندگی زِندہ دِلی کا نام ہے        مردہ دِل کیا خاک جیا کرتے ہیں

 روايتن ۾ اچي ٿو، جڏهن رَبِّ ڪائنات پنهنجي دَستِ قُدرت سان حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جو جَسدِ خاڪي (يعني مٽي سان جسم مبارڪ) بڻايو، اڃا ان ۾ رُوح نه وڌو هو، هڪ عرصي تائين اهو جسم مبارڪ ساڳي حالت ۾ رهيو، ملائڪن اهڙي صُورت ڪڏهن نه ڏٺي هئي، ملائڪ تعجب وچان جسمِ خاڪي


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:79-81 ملتقطاً۔