Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai
هن آيت سڳوري ۾ الله پاڪ اڳوڻين قومن جو ذِڪر فرمايو آهي ته اهي ماڻهو جن کي پهريان ڪتاب ڏنا ويا، اهي ڊگھين اُمِّيدن ۾ پئجي ويا، جنهن جي ڪري انهن جون دِليون سخت ٿي ويون، پوءِ اي مسلمانو! اي محبوبِ ذي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا سچا غُلامو! توهان هرگز اُنهن اَهلِ ڪتاب جهڙا نه ٿي وڃو! بلڪه ڊگهين اُمِّيدن کان به بچو! ۽ پنهنجي دِل جي به خوب حفاظت ڪريو...!!
تِرمذي شريف جي حديثِ پاڪ آهي، الله پاڪ جي حبيب، دِلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اِنَّ اَبْعَدَ النَّاسِ عَنِ اللهِ الْقَلْبُ الْقَاسِي يعني سخت دِل وارو سڀ کان وڌيڪ الله پاڪ کان پري آهي۔([1]) حضرت مالِڪ بن دِينار رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: ٻانهن کي جيڪي سزائون ڏنيون وينديون آهن انهن ۾ سڀ کان وڏي سزا هي آهي ته ٻانهي جي دِل سخت ڪئي ويندي آهي۔([2])
قَلب سختی میں حد سے بڑھا ہے بندہ طالِب تِرے خوف کا ہے
اِلتجائے غمِ مصطَفےٰ ہے یاخدا تجھ سے میری دُعا ہے
حُبِّ دُنیا میں دل پھنس گیا ہے نَفسِ بدکار حاوِی ہوا ہے
ہائے شیطاں بھی پیچھے پڑا ہے یاخدا تجھ سے میری دُعا ہے([3])
هڪ حديث شريف ۾ آهي: اِنَّ اللهَ لَا يَنْظُرُ اِلٰي اَجْسَادِكُمْ، وَلَا اِلٰى صُوَرِكُمْ، وَلَكِنْ يَنْظُرُ اِلٰى قُلُوبِكُمْ يعني بيشڪ الله پاڪ توهان جي جسمن ۽ صُورتن کي ناهي ڏسندو،