Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

بلڪه الله پاڪ ته توهان جي دِل ڏسندو آهي۔([1])

امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هن حديثِ پاڪ مان معلوم ٿيو؛ دِل رَبُّ الْعَالَمِيْن جي نظر جو مقام آهي، تعجب آهي ان شخص تي جيڪو ظاهر کي سنوارڻ جو اهتمام ڪري، پنهنجو ظاهر ڌوئي، مرَمٽي کان سٿرو ڪري ته جيئن ماڻهو ان جي ڪنهن ظاهري عيب کي نه ڏسي سگھن پر دِل جي صفائي جو اهتمام نه ڪري جيڪو رَ بُّ الْعَالَمِيْن جي نظر جو مقام آهي...!! ([2])

الله پاڪ جي قُرب جو حق دار ڪير آهي؟

الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! غور جو مقام آهي! اسان ننڊ مان اٿي جيستائين چهرو نه ڌوئيون، گھر مان نڪرڻ پسند نٿا ڪيون، ڪپڙا ميلا هجن ته ماڻهو جي سامهون ويندي اسان کي جھجڪ مَحسُوس ٿيندي آهي، اڄ اسان جي معاشري جا ڪيئي نوجوان هزارين روپيا صِرف وارن جي اسٽائل ٺاهڻ تي لڳائن ٿا ۽ چهري تي خبر ناهي ڇا ڇا ڪرائيندا آهن، ان فيشنز (Fashions) تي روپيا به خرچ ٿين ٿا، وقت به لڳي ٿو پر ماڻهو هي سڀ ڪن ٿا، ڇو؟ ان ڪري جو مان سٺو نظر اچان ۽ مون کي ڏسي ماڻهو منهنجي واکاڻ ڪن.  

پر افسوس! دِل ميري آهي، دِل تي گُنَاهن جي ڪاراڻ وڌي وئي آهي، دِل ۾ بُرا خيالات آهن، بدگمانيون، تڪبر، غرور آهي، دِل ۾ حَسَد جي باھ ٻري رهي آهي، اسان کي ان بابت بلڪل به ڳڻتي ناهي، جڏهن ته دِل رَبِّ ڪريم جي نظر جو مقام آهي۔سُلطان العارفين، شيخ سلطان باهو رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڇا ته خُوب فرمايو آهي: جيڪڏهن وهنجڻ  ڌوئڻ سان رَبِّ ڪريم ملي ها ته مڇيون سڀ کان وڌيڪ رَبِّ ڪريم جو قُرب ماڻين ها، جيڪڏهن رَبِّ ڪريم چڱا وار رکڻ جي ڪري ملي ها ته رڍ ٻڪرين جا وار وڌيڪ هوندا آهن، اهي رَبِّ ڪريم جون گھڻيون مقرب هجن ها پر حقيقت هي آهي جو رَبِّ ڪريم اُن کي ملي ٿو جن جي نِيت


 

 



[1]...مسلم، کتاب البر والصلۃ، باب تحریم ظلم المسلم، صفحہ:995، حدیث:2564۔

[2]...منہاج العابدین، صفحہ:149 بتغیر۔