Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

آهيو ۽ ٽيون ساھ اهو آهي جيڪو هاڻي کڻڻو آهي، ان جي توهان کي ڪا خبر نه آهي، خبر ناهي اڳيون ساھ کڻي سگھندو يا ان کان پهريان موت اچي ويندو۔ پَس توهان وٽ هڪ ئي ساھ آهي، انهيء ۾ جيڪو ڪرڻو آهي، ڪري وٺو!([1])

هڪ اسلامي ڀاءَ ٻڌائي ٿو: هڪ ڏينهن مون پنهنجي اکين سان زِندگي جي حقيقت ڏٺي، منهنجو هڪ دوست هو، هو مون سان ملڻ لاءِ منهنجي دفتر آيو، مون چانھ گھرائي، چانھ ٽيبل تي رکيل هئي ۽ هو مون سان گفتگو ڪري رهيو هو، اوچتو خبر ناهي ڇا ٿيو منهنجي سامهون ويٺل هو دوست ڳالهيون ڪندي ڪندي ڪجھ سيڪنڊن ۾ ان جو ساھ نڪري ويو، افسوس! ويچاري کي چانھ پيئڻ به نصيب نه ٿي.

آگاہ اپنی موت سے کوئی بشر نہیں    سامان سو برس کا ہے پَل کی خبر نہیں

موت کي قريب سمجھو!

اي عاشقانِ رسول! اها ئي زِندگي آهي، خبر ناهي اڳيون ساھ کڻي به سگھنداسين اَلائي نه، لهٰذا ڊگھي اُمِّيدن کان بچو، موت کي هر وقت پنهنجي قريب سمجھو! هن جي برڪت سان دُنيا جي محبّت گھٽ ٿيندي، حِرص ۽ لالچ ۾ ڪمي ايندي، گُنَاهن کان دِل بيزار ٿيندي، توبه ۾ جلدي جو ذِهن بڻجندو ۽ هن جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! دِل جي سياهي ڌوپجي ويندي ۽ دِل اُجري صاف سٿري ٿي ويندي۔

مسلمانن جي پياري اَمڙ سائڻ حضرت عائشه صديقه طيبه طاهره رَضِیَ اللهُ عَنْهَا جي خِدمت ۾ هڪ عورت حاضِر ٿي ۽ دِل جي سختي جي شڪايت ڪئي، حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا فرمايائون: موت کي ياد ڪريو! دِل پاڪ ٿي ويندي۔ اها عورت موٽي وئي، ڪجھ ڏينهن کان بعد ٻيهر آئي ۽ حضرت عائشه صِدِّيقه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا جو شڪريو ادا ڪندي ٻڌايائين ته هاڻي دِل جي سختي ۾ اِفَاقو آهي۔([2])


 

 



[1]...منہاج العابدین، صفحہ:159-160بتغیر۔

[2]...موسوعۃ امام ابن ابی الدنیا، باب ما یعین ذکر الموت، جلد:5، صفحہ:442، حدیث:156۔