Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai
الله پاڪ مُردَه دِل وارن جي باري ۾ وڌيڪ فرمائي ٿو:
اُولٰٓئِکَ کَالۡاَنۡعَامِ بَلۡ ہُمۡ اَضَلُّ ؕ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡغٰفِلُوۡنَ ( ۱۷۹ ) (پاره:9،سورۂ اعراف:179)
ترجَموڪنزُالعرفان: هي ماڻهو جانورن وانگرن آهن بلڪ انهن کان به وڌيڪ ڀٽڪيل، اهي ئي ماڻهو غفلت ۾ پيل آهن.
الله اڪبر! معلوم ٿيو؛ جنهن جي دِل ايتري ڪاري ٿي وڃي ته ان ۾ ايمان جو نُور به باقي نه رهي، ڪفر ئي ڪفر ڀرجي وڃي، اهڙي ڪاري دِل وارو انسان سڏائڻ جو به حق دار نه آهي بلڪ هو جانورن کان به بدتَر آهي۔
ڪنهن شاعِر چيو آهي:
دِلِ مردہ دِل نہیں، اسے زِندہ کر دوبارہ یہی اُمَّتوں کے مرضِ کُہُن کا چارہ
وضاحت: جڏهن دِل مردھ ٿي ويندي آهي، دِلين تي گُنَاهن جو زنگ لڳي ويندو آهي، ڪفر جون اونداهيون ڇانئجي وينديون آهن ته قومون تباھ و برباد ٿي وينديون آهن، لهٰذا قومن کي تباهي کان بچائڻ جو اهو ئي طريقو آهي ته انهن جي دِلين جي اِصلاح ڪئي وڃي، سياھ دِلين مان زنگ لاهي انهن کي صاف اجرو چمڪدار بڻايو وڃي۔
مُردَه دِل وارن جيان نه ٿيو...!!
الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ لَا یَکُوۡنُوۡا کَالَّذِیۡنَ اُوۡتُوا الۡکِتٰبَ مِنۡ قَبۡلُ فَطَالَ عَلَیۡہِمُ الۡاَمَدُ فَقَسَتۡ قُلُوۡبُہُمۡ ؕ
(پاره:27،سورۂ حديد:16)
ترجَموڪنزُالعرفان: ۽ مسلمان انهن جهڙا نه ٿين جن کي پهريان ڪتاب ڏنو ويو پوءِ انهن تي مدت ڊگهي ٿي وئي پوءِ انهن جون دليون سخت ٿي ويون.