Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

دِل کہ تِیمار ہمارا کرتا          آپ بِیمار ہے کیا ہونا ہے

تیرے بِیمار کو میرے عیسیٰ       غش  لگاتار  ہے  کیا  ہونا  ہے([1])

وضاحت: دِل اسان جي تيماداري ڪيئن ڪري هوءَ ته پاڻ بيمار آهي، اي منهنجي خبر وٺڻ وارا! منهنجي دل جي خبر وٺ  جو ان کي مسلسل دورا پئجي رهيا آهن، اوهان کان سواءِ  منهنجو ڪو سارسنڀار لهڻ وارو ناهي۔

نيڪي ۽ گُنَاھ جي انوکي سڃاڻپ

هڪ صحابيء رسول آهن: حضرت وابصه  رَضِىَ اللهُ عَنۡه ۔ وڏا پرهيزگار ۽ خوفِ خُدا وارا هئا، سبب اَڪثَر خوفِ خُدا روئيندا رهندا هئا۔ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مون سوچيو ته رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان نيڪي ۽ گُنَاھ بابت سوال ڪيان، لهٰذا دِل ۾ هي ارادو کڻي بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿيس۔ سرڪارِ عالي، وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي ڏسي فرمايو: اُدْنُ يَا وَابِصَةُ! اي وابصه ويجھو اچ! مان قريب ٿيس، ايستائين جو منهنجا گوڏا سرورِ عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ گوڏن سان ملي ويا۔ هاڻي غيبن جي خبر رکڻ وارا نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: وابِصَه!


 

 



[1]...حدائق بخشش، صفحہ:166-167 ملتقطاً۔