Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب

فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : جڏهن توهان ڪنهن شخص کي ڏسو ته ان کي دُنيا کان بي رغبتي ۽ گھٽ ڳالهائڻ جي نعمت عطا ڪئي وئي آهي ته ان جي قربت ۽ صحبت اختيار ڪريو ڇوته ان کي حڪمت ڏني ويندي آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! * مرڪي ۽ خنده پيشاني سان ڳالھ ٻولھ ڪريو  * مسلمانن جي دِل جُوئي جي نيت سان ننڍن سان شفقت ڀريو ۽ وڏن سان ادب وارو لهجو رکو، اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! ثواب به ملندو ۽ ننڍا وڏا سڀئي اوهان جي عِزّت ڪندا * رڙيون ڪري ڳالھ ڪرڻ سُنّت نه آهي * سٺين سٺين نيتن سان ننڍن ٻارن سان به اوهان جناب سان گفتگو جي عادت بڻايو، اوهان جا اخلاق به اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! بهتر ٿيندا ۽ا ٻار به آداب سکندا * ڳالھ ٻولھ ڪرڻ مهل پردي واري جڳھ تي هٿ لڳائڻ، آڱرين سان بدن جو ميل ڪچيل ڪڍڻ، ٻين جي سامهون هر هر نڪ کي هٿ لڳائڻ يا نڪ يا ڪن ۾ آڱر وجھڻ، ٿڪڻ سٺي ڳالھ نه آهي، هن سان ٻين کي تڪليف ٿيندي آهي * جيستائين ٻيو ڳالھ ڪري رهيو هجي، اطمينان سان ٻڌو، ان جي ڳالھ ڪٽي پنهنجي ڳالھ شروع ڪرڻ سُنّت نه آهي * ڳالھ ٻولھ ڪندي يا ڪنهن به حالت ۾ ٽهڪ نه لڳايو ڇوته سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن ٽهڪ نه لڳايو * بدزباني ۽ بي حيائي جي ڳالهين سان هر وقت پرهيز ڪريو، گار گند کان بچندا رهو ۽ ياد رکو ڪنهن مسلمان کي بلااِجازتِ شرعي گار ڏيڻ حرامِ قطعي آهي ۽ بي حيائي جي ڳالھ ڪرڻ واري تي جنّت حرام آهي۔ پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ان شخص تي جنّت حرام آهي جيڪو فحش گوئي سان ڪم وٺي ٿو.  فحش ڳالھ جي معني آهي: اَلتَّعْبِيْرُ عَنِ الْاُمُورِ الْمُسْتَقْبِحَةِ بِالْعِبَارَات الصَّرِيْحَةِ


 

 



[1]...اِبْنِ ماجہ، کتاب الزہد، صفحہ:667، حدیث:4101۔