Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai
ڊگھي اُمِّيد نيڪين جي راھ ۾ رُڪاوٽ ۽ هر بُرائي جي جَڙ آهي، هي اهڙي لاعلاج بيماري آهي جيڪا ٻين ڪيئي بيمارين جو سبب بڻبي آهي * ڊگھي اُمِّيد جي سبب ٽال مٽول جي عادَت وڌندي آهي * نيڪ ڪمن ۾ سُستي ايندي آهي * دِل تي غفلت جا پردا اچي ويندا آهن * دُنيا جي محبّت وڌندي آهي * حِرص ۾ اِضافو ٿيندو آهي ۽ ماڻهو دُنيا ۾ مشغول ٿي آخرت کي وساري ويهندو آهي، جنهن جي سبب اُن جي دِل سخت ٿي ويندي آهي ۽ گُنَاهن جي ميراڻ چڙهي ويندي آهي۔
ان ڪري جيڪو دِل جي اِصلاح چاهي ٿو، ان کي گھرجي پنهنجون اُمِّيدون گھٽ ڪري ۽ موت کي هر وقت پنهنجي سامهون رکي۔
هڪ ڏينهن سرورِ عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت اُسَامه رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي هڪ مهيني جي اُوڌر تي سودو خريد ڪندي ڏٺائون ته فرمايائون: ڇا توهان اُسامه تي تعجب نٿا ڪريو جو هڪ مهيني جي لاءِ خريداري ڪري رهيا آهن، الله جو قسم! جڏهن مان زمين تي قدم رکان ٿو ته گمان ڪيان ٿو ته قدم کڻڻ کان پهريان موت اچي ويندو، جڏهن به گرھ وات ۾ وجھندو آهيان ته گمان ٿيندو آهي ته ان کي ڳهڻ کان پهريان موت اچي ويندو۔([1])
کچھ نیکیاں کما لے جلد آخرت بنا لے کوئی نہیں بھروسہ اے بھائی زندگی کا
هن دُنيا ۾ اسان کي ڪيترو وقت مِليو آهي؟ هن حوالي سان امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مختلف روايتون گڏ ڪيون، پوءِ فرمايائون: منهنجا پِير صاحب فرمائيندا هئا؛ دُنيا ٽن پساهن جي آهي، هڪ ساھ جيڪو توهان کڻي چڪا، ان ۾ جيڪو عَمَل ڪرڻو هو، اهو ڪري چڪا، ٻيو ساھ اهو آهي جيڪو توهان هينئر کڻي رهيا