Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai
ڪاش! اسان به پنهنجو هي ذِهن بڻايون، موت کي ياد ڪريون، ٿي سگھي ته قبرستان حاضِر ٿيون، قبرن کي ڏسي غور و فِڪر ڪريون، هي سوچيون ته هڪ ڏينهن مون کي به مرڻو آهي ۽ قبر جي کڏ ۾ لهڻو آهي، آھ! قبر ۾ اونداھي هوندي، مٽي جو بستر، سرن جو وهاڻو هوندو، آھ! قيامت تائين اتي رهڻو پوندو۔ هيئن قبرن جي باري ۾ غور و فِڪر ڪنداسين، موت کي بار بار ياد ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! دِل پاڪ ٿيندي، گُنَاهن جي سياهي ڌوپجي ويندي۔
(2): حَسَد
دِل جي ڪاراڻ جو ٻيو وڏو سبب حَسَد آهي۔ پنهنجي مسلمان ڀاءُ سان نعمت کسجي وڃڻ جي تمنّا ڪرڻ کي حَسَد چئبو آهي۔ هي تمام بُري باطني بيماري آهي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ حَسَد ڪرڻ واري کان پناھ گھرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ارشاد آهي:
وَ مِنۡ شَرِّ حَاسِدٍ اِذَا حَسَدَ ( ۵ ) (پاره:30،سورۂ فلق:5)
ترجَموڪنزُالعرفان: ۽ حسد واري جي شر کان جڏهن اهو حسد ڪري.
اللهُ اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو ڪريو! حَسَد ڪيترو وڏو فتنو ۽ ڪيترو وڏو شَر آهي جو رَبِّ ڪائنات حَسَد ڪرڻ واري کي شيطان سان ملايو آهي ۽ حڪم ڏنو ته انهن سڀني کان پناھ گھرو! ([1]) حديثِ پاڪ ۾ آهي: حَسَد نيڪين کي ايئن کائي ويندو آهي، جيئن باھ سُڪل ڪاٺي کي ساڙي ڇڏيندي آهي۔ ([2])
امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: حَسَد بي چيني ۽ بي مقصد غم ۽ فِڪر ۾ مبتلا ڪري ٿو، حَسَد جي ڪري انسان ذِلَّت ۽ محرومي جي لعنت ۾ گرفتار ٿي ويندو آهي ۽ حَسَد جي هڪ وڏي تباھ ڪاري هي آهي جو حَسَد دِل کي انڌو ڪندو آهي، ايستائين جو الله پاڪ جا اَحڪام ٻڌڻ ۽ سمجھڻ جي صلاحيت ختم ٿي ويندي