Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

سچّي ۽ دِل پاڪ هوندي آهي۔ شيخُ الاِسلام حضرت بابا فريد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: الله پاڪ ۽ ٻانهي جي وچ ۾ حِجَاب (يعني رُڪاوٽ يا پردو) صِرف دِل جي گندگي جو آهي، جيڪڏهن هي حِجَاب کڄي وڃي (يعني دِل پاڪ ٿي وڃي) ته ٻانهي کي الله پاڪ جو قُرب نصيب ٿي ويندو آهي۔([1])

پاک ہووَیں تَے پاک مِلے، بِنْ پاکَوْں پَاک نئیں مِلدا

سارے جِسْم دے دَھْوَنْ نالَوْں تُوں دَھو لے ٹکڑا دِل دا

وضاحت: الله پاڪ آهي، پاڪ ماڻهن کي ئي پنهنجي قُرب سان نوازيندو آهي، ظاهري پاڪيزگي جي نسبت دِل جي پاڪيزگي تي گھڻو ڌيان ڏيو! ته جيئن توهان کي الله پاڪ جو قُرب حاصِل ٿي وڃي۔

دِل سڀ کان قيمتي تجوري آهي

حُجّةُ الْاِسْلَام، امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: دِل سڀ کان قيمتي تجوري آهي، سڀ کان قيمتي جواهرات دِل ئي ۾ هوندا آهن، مثلاً الله پاڪ جي معرفت جيڪا ٻنهي جھانن جي سعادت جو ذريعو آهي، هي دِل ۾ هوندي آهي * بصيرت (مثلاً حڪمت ۽ دانائي) جنهن جي ذريعي انسان کي عزّت و بزرگي ملندي آهي، هي به دِل ئي ۾ هوندي آهي * اِخلاص؛ جنهن جي ذريعي عبادتون قبول ٿينديون آهن، هي پڻ دِل ۾ هوندي آهي * سمورا چڱا اَخلاق جن جي ڪري انسان کي فضيلت ملندي آهي، هي پڻ دِل ۾ هوندي آهي  * هر طرح جو عِلم، حڪمت؛ جنهن جي ذريعي انسان ترقي ڪري ٿو، دُنيا و آخرت ۾ بلند مقام حاصِل ڪري ٿو، هي به دِل ئي ۾ هوندي آهي۔ معلوم ٿيو؛ دِل سڀ کان قيمتي تجوري آهي، لهٰذا ضروري آهي ته ان جي ڀرپُور حفاظت ڪئي وڃي، ان کي گُنَاهن جي زنگ ۽ نفس و شيطان جهڙن چورن ڌاڙيلن کان بچايو وڃي


 

 



[1]...ہشت بہشت، اسرا رالاولیاء، صفحہ:30 بتغیر قلیل۔