Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai

دِل ٺيڪ آهي ته سڀ ٺيڪ آهي

اي عاشقانِ رسول! اسان جي دِل سڀ کان قيمتي ڦرهي آهي، هن کي گُنَاهن کان پاڪ ڪرڻ دِين کي گھربل آهي، اهو ئي اِصلاح جو راز آهي، هن سان ماڻهو سنورجي ٿو انهي سان ڪم ٺهن ٿا۔ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني، مُحَمَّدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اَلَآ وَ اِنَّ فِي الجَسَدِ مُضْغَةً: اِذَا صَلَحَتْ صَلَحَ الجَسَدُ كُلُّهُ، وَاِذَا فَسَدَتْ فَسَدَ الجَسَدُ كُلُّهُ، اَلَآ وَهِيَ القَلْبُ ٻڌو! بيشڪ جسم ۾ گوشت جو هڪ ٽڪر آهي، جيڪڏهن اهو ٺيڪ ٿي وڃي، تمام جسم ٺيڪ ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن اهو ٽڪر بگڙجي وڃي ته سڄو جسم بگڙجي ويندو آهي، ٻُڌو! اهو ٽڪڙو دِل آهي۔([1])

هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ عالم سڳورا فرمائن ٿا: انسان جا تمام ڪم ان جي دِل سان وابسته آهن، جيڪڏهن دِل پاڪ صاف هجي، ان ۾ الله پاڪ جي محبّت هجي، الله پاڪ جي محبوب ٻانهن جي محبت هجي، دِل ۾ الله پاڪ جو ۽ ان جي نافرماني جو خوف هجي ته انسان جا تمام ڪم دُرُست ٿي ويندا آهن، ماڻهو گُنَاهن کان بچڻ لڳندو آهي. بلڪه گُنَاھ ۾ پوڻ جي خوف سان شُبهات کان پڻ بچڻ لڳي ٿو ۽ جيڪڏهن دِل بگڙجي وڃي، دِل نفساني خواهشن جو پيروڪار ٿي وڃي، ان ۾ خوفِ خُدا نه رهي ته ٻانهي جا سڀئي ڪم بگڙجي ويندا آهن ۽ ماڻهو نفساني خواهشن ۾ وڪوڙجي گُنَاهن ۾ جڪڙجي ويندو آهي، ان ڪري چوندا آهن: دِل تمام جسم جو بادشاھ آهي ۽ تمام عضوا ان جو لشڪر آهن، جيڪڏهن بادشاھ نيڪ هجي ته لشڪر به نيڪ ٿي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن بادشاھ بگڙجي وڃي ته پُورو لشڪر بگڙجي ويندو آهي۔([2])

دِل ہی ڈبوئے، دِل ہی ترائے      دِل سا دوست نہ دِل سا دُشمن


 

 



[1]...بخاری، کتاب الایمان، باب فضل من استبرا، صفحہ:84-85، حدیث:52۔

[2]...جامع العلوم والحكم، صفحہ:83-84بتغیر ۔